تازيون خبرون

ڀارت اقليتن ۽ عورتن لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي: راني مکرجي

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا راني مکرجي چيو آهي ته ڀارت اقليتن ۽ عورتن لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي.تفصيل موجب ڀارتي رياست بهار ۾ آر ايس ايس دهشتگرد هندن عيسائي عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪري شهر ۾ گشت ڪرايو، واقعي کانپوءِ اداڪارا راني مکرجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڀارت اقليتن ۽ عورتن لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي.اداڪارا سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بهارت رياست جي شهر ۾ آر ايس ايس جي شدت پسندن پهريان عيسائي عورت جو گهر ساڙيو بعد ۾ ان تي تشدد ڪيو ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري شهر ۾ گشت ڪرايو.راني مکرجي چيو ته ڀارت نه صرف اقليتن پر عورتن لاءِ به خطرناڪ ملڪ بڻجندو پيو وڃي، بهار هجي يا اترپرديش ڪيترين ئي رياستن ۾ هندو شدپسند مسلمانن سميت اقليتن کي واپس هندو بڻجڻ تي مجبور ڪن ٿا، انڪار تي انهن جون ملڪيتون ساڙي انهن تي تشدد ڪري انهن کي ماريو وڃي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *