تازيون خبرون
لاهوري وڪيلن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اسپتال تي ڪاهه، عوام۽ صوبائي وزير تي تشدد، 4 مريض فوت - آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم - اخباري مالڪ اسان جي نه پر لڳي ٿو ته اسان هنن جي ماتحت ٿي ويا آهيون: وڏو وزير - نيب پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي - وزيراعظم لاهور اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامن واري واقعي تي نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي - جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل صوبائي وزير فياض چوهاڻ تي به وڪيلن جو تشدد، وار پٽيا ويا - پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ پيش آيل واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي: وفاقي سرڪار - لاهور ۾ وڪيل گردي جي مذمت، وڪيل تنظيمون ذميواري پوري ڪن، نيب ڪو ادارو نه تماشو آهي: سعيد غني - مورو ۾ پيءُ هٿان ڌيءَ ڪارنهن الزام تحت قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل - ڪوٽڏيجي ڀرسان ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڀارتي اداڪاره ارميلا ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ارميلا ماٽونڊڪر ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب مشهور بالي ووڊ اداڪاره ۽ سياستدان ارميلا ماٽونڊڪر تقريبن 6 مهينا اڳ ئي ڀارتي سياسي پارٽي ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي پر هاڻ هن ڪانگريس جي چيف سونيا گاندهي کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پنهنجي خط ۾ ارميلا ماٽونڊڪر لکيو آهي ته مان بطور پارٽي ميمبر ۽ ڪانگريس جي ٻين سمورن پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿي. مان پارٽي جي شڪر گذار آهيان جنهن مون کي شموليت جو موقعو ڏنو. جنهن کان پوءِ ارميلا پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ بابت هڪ پريس رليز به جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اها ڳالهه يقيني آهي ته ممبئي ڪانگريس جا اهم ڪارڪن هاڻ ڪنهن به ڪم جا ناهن رهيا يا پوءِ هي پارٽي ۾ بهتري جي طرف تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم ناهن. جڏهن ته منهنجي سياسي ۽ سماجي حسياست پارٽي ۾ وڏي حدف تي ڪم ڪرڻ جي بجاءِ ذاتي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان انڪاري آهي.ارميلا ماٽوندڪر چيو هو ته مان پنهنجي سوچ ۽ نظرين سان گڏ اڄ به بيٺل آهيان ۽ جن ماڻهن جي بهتري لاءِ پنهنجي صلاحيتن موجب ايمانداري سان ڪم ڪندي رهندس. مان ان سمورن ماڻهن جي شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي سياسي سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *