تازيون خبرون

پ پ پارن پارٽي شيڊيول جو اعلان، 3 مهينا گو نواز گو ۽ 3 مهينا چونڊ مهم هلائينداسين: بلاول

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيش ڪيل 4 مطالبن تي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت مطالبا تسليم نه ڪيا ته پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ۽ ڌما ڌم مست قلندر ٿيندو، اسان 6 مهينن لاءِ نڪرنداسين، جنهن ۾ 3 مهينا گو نواز گو باقي 3 مهينا چونڊ مهم هوندي، 2018 ۾ نواز شريف کي هميشه لاءِ خدا حافظ ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ هو جيل ۾ يا سعودي عرب  ۾ هوندو، دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ تاريخي ڪرپشن جي اسڪينڊل وزيراعظم کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي جنهن به وزيراعظم جو ان اسڪينڊل ۾ نالو آيو آهي ان جو احتساب ٿيو آهي پر وزيراعظم نواز شريف قطري شهزادي جي خط پويا لڪي رهيو آهي، 27 ڊسمبر کانپوءِ بلاول هائوس ۾ رهي سياست ڪندس ۽ رائيونڊ تخت وارن کي خبر پئجي ويندي ته ڀٽو ۽ عوام جي طاقت ڇا هوندي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي 49 هين يوم تاسيس جي حوالي سان ڏکڻ پنجاب جي ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سيد خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، قمر زمان ڪائرا، لطيف کوسو ۽ ٻيا موجود هئا، بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، ڏکڻ پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي جيالن جا ٿورا مڃا ٿو جن شوباز شريفن ۽ ناڪام شريفن کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته پ پ زنده آهي، هن چيو ته اسان جي تنظيم 7 ڏينهن جي مختصر نوٽيس تي زبردست انتظام ڪيا آهن، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي جمهوريت ڏني، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جمهوريت واپس آندي پر پنجاب ۾ شريفن جي تخت رائيونڊ ۾ ضيا ءُ الحق جي باقيات واري آمريت هلي رهي آهي، اسان شريفن کي سمجهائڻ چاهيون ٿا ته اهو توهان جو آخري ڀيرو آهي ان کانپوءِ توهان جي شڪل نظر نه ايندي، هن چيو ته سنڌ ۾ تبديلي آندي آهي، پارٽي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهيان، ڇا اسان 2018 ۾ تبديلي نه آڻي سگهنداسين، شريفن اسان جي پياري ملڪ ۽ پنجاب لاءِ ڇا ڪيو آهي، معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين نه پهچي رهيو آهي، لوڊشينگ ختم ڪرڻ جي نعري تي چونڊ وڙهي وئي پر لوڊشيڊنگ ختم  نه پر بجلي جي قيمت ٻيڻي ڪئي وئي، هن چيو ته مان 27 ڊسمبر کانپوءِ لاهور ايندس ۽ اتي ئي رهندس، منهنجي سياست لاهور ۾ هوندي پوءِ ڀٽو جا نعرا لڳندا، هن چيو ته اڀي تو پارٽي شروع هئي، جڏهن کان ميدان ۾ نڪرنداسين ته انهن کي هوش اچي ويندو ته بلاول ڀٽو ميدان ۾ اچي رهيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *