تازيون خبرون

 پ پ پاران نيب آرڊيننس ڪارو قانون قرار، آءِ ايس آءِ حڪومتون ڪيرائڻ ۾ ملوث ناهي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ واپڊا ملازمن کي بجلي مفت فراهم ڪرڻ وارو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو آهي. ٺهراءَ  ايم ڪيوا يم جي طاهر مشهدي پيش ڪيو هو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نيب آرڊيننس تي بحث ڪرايو ويو. جڏهن ته واپڊا ملازمن کي مفت بجلي فراهمي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو سو رد ٿي ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف چيو ته 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته آءِ ايس آءِ حڪومت ڪيرائڻ ۾ ملوث ناهي. وزير اعظم نواز شريف هلندڙ هفتي جي آخر ۾ وطن واپس اچي ويندو. اجلاس ۾ نيب آرڊيننس تي بحث ڪندي پ پ سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ نيب آرڊيننس کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته نيب آرڊيننس پرويز مشرف ٺاهيو هو. ان جو بنياد ڪيرايو ويو آهي پر اسٽرڪچر اڃا باقي آهي. هن چيو ته ايمرجنسي تحت آرڊينس ٺهيو، سا ختم ٿي وئي پر آرڊيننس اڃا موجود آهي. نيب چيئرمين وٽ اڻ کٽ اختيار آهن. جن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. فاروق ايڇ نائڪ وڌيڪ چيو ته نيب آرڊيننس هڪ ڪارو قانون آهي، اسان جي حڪومت ۽ هاڻوڪي حڪومت به هن ڪاري قانون کي تبدي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون. ڪجھه قوتون هن آرڊيننس ۾ ترميم يا ان کي ختم ڪرڻ نٿيون ڏين. ان موقعي تي حڪومتي سينيٽرن نيب آرڊيننس جو بچاءُ ڪيو. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته نيب هن وقت تائين 275ارب رپيا اوڳاڙيا آهن. هيل تائين 6 هزار انڪوائرين مان 91 سيڪڙو اڪلائي ڇڏيون آهن. بحث سهڙيندي قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته پلي بارگين ذريعي 11 ارب رپيا واپس ڪرايا ويا. رضاڪاراڻي طور واپس ڪيل رقم 21 ارب رپيا آهن. بينڪ ڊيفالٽرن 122 ارب رپيا جمع ڪرايا. هن چيو ته نيب گذريل ٻن سالن ۾ قانون ۽ ضابطي ۾ سڌارا ڪيا آهن. هاڻي هڪ آفيسر بدران سڄي ٽيم جاچ ڪندي آهي. هن چيو ته 2 مهينن ۾ درخواست تي ڪيس جي تياري مڪمل ڪئيويندي آهي، چئن مهينن ۾ انڪوائري ۽ ايندڙ چئن مهينن ۾ جاچ مڪمل ٿي ويندي آهي. هن چيو ته نيب قانون جوڙي ڇڏيو آهي، ڪنهن به ڪيس جو 10 مهينن ۾ ريفرنس تيار ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته فاروق ايڇ نائڪ نيب قانون ۾ بهتري لاءِ سٺيون تجويزون ڏنيون آهن. ان سان اتفاق ڪيون ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *