تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿ ۾ نه رهي: آصف زرداري - اسان کانسواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي: فواد چوڌري - نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي: جنرل زبير محمود - پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ۽ ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن؟ : عمران خان - وزير اعظم سنڌ اچي چوي ٿو سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون، ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: وڏو وزير - جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ، جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار - خورشيد شاهه جي مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات، غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌي نٿا سگهون: شهباز شريف - منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف - قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي نه حامي آهيون، وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

پ پ ن ليگ سان عدليه جو هميشه کان جدا جدا ورتا رهيو آهي: خورشيد شاهه

لاهور (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سان عدليه جو هميشه الڳ الڳ ورتا رهيو آهي اهو ئي سبب آهي ته ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ اچڻ تي چوڌري نثار استعيفيٰ ڏيڻ بدران عدليه جي توهين ڪري رهيو آهي، ن ليگ عدليه تي هميشه حملا ڪندي آئي آهي، چوڌري نثار به ساڳي تاريخ ورجائي رهيو آهي، نجي ٽي وي کي انٽروويو ۾ هن چيو ته هن ملڪ ۾ سمورا قانون ۽ احتساب جا ادارا صرف پ پ لاءِ آهن، هڪ ئي معاملي ۾ عدليه جو پ پ لاءِ ٻيو قانون هوندو آهي ته ن ليگ لاءِ هڪ ٻيو قانون هوندو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اسان جي حڪومت کي هلڻ ئي نه ڏنو، اسان جي چونڊيل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو، مان اڄ به اعلان ڪريان ٿو ته افتخار چوڌري جو رويو پ پ سان سٺو نه هو، اسان سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پوري عدليا جي تاريخ ۾ ياد ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ ۾ چوڌري نثار کي ذميواري قرار ڏنو ويو آهي، ان کي پنهنجي ناڪامي مڃڻي پوندي، پر هو سرعام ڪميشن جي رپورٽ جي توهين ڪري رهيو آهي، 27 ڊسمبر تي اهم اعلان ٿيندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *