تازيون خبرون

پي آءِ اي جو جهاز حويليان ويجهو ڪري تباهه، عملي سميت 47 ماڻهو اجل جو شڪار

اسلام آباد/ڪراچي/لاهور (اين اين آءِ/اي پي پي/م.ڊ)  پي آءِ اي جو فوڪر جهاز ايبٽ آباد ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو،  تفصيل مطابق پي آءِ اي جو جهاز پي ڪي 661 چترال کان اسلام آباد اچي رهيو هو. انجڻ ۾ خرابي سبب حويليان ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو. جهاز ۾ عملي سميت 47 ماڻهو سوار هئا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري جاءِ ڏانهن موڪليون ويون ، جهاز ۾ ناميارو نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس گهر واري پڻ سوار هئا،  صالح جنجوعه  حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جو ڪيپٽن جو جڏهن ته عملي ۾ فرسٽ آفيسر علي اڪرم، ٽيني پائلٽ احمد جنجوعه، ايئر هوسٽس صدف فاروق ۽ هوسٽس اسما عادل شامل هيون، اربع تي معمول مطابق پي آءِ اي جو مسافر جهاز پي ڪي 661 40 مسافرن کي کڻي چترال مان اسلام آباد لاءِ 3 لڳي 50 منٽن تي روانو ٿيو ۽ پنهنجي مقرر روٽ تي سفر ڪندو حويليان ويجهو اهو مسافر جهاز لاپته ٿي ويو. بعد ۾ سول ايويئيشن ڊويزن سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون  حادثي واري هنڌ تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. پي آءِ اي حويليان ويجهو ڪري تباهه ٿيل اڏام ۾ سوار مسافرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. ناميارو نعت خوان جنيد جمشيد پنهنجي گهر واري سان گڏ تبليغي دورو مڪمل ڪري چترال مان واپس ساڳي اڏام ۾ اسلام آباد اچي رهيو هو. پي آءِ اي طرفان جاري فهرست مطابق پي ڪي 661 ۾ عابد قيصر، احسن، احترام الحق، عائشه، اڪبر علي، اختر محمود، عامر شوڪت،  آمنه احمد، ماهه رخ، عاصم وقاص، عتيق احمد، فرح ناز، گوهر علي، گل هارون، حاجي نواز، بان ڪيانگ، هيرالڊ ڪيسلر، هاروانگ، مسز نيها جنيد جمشيد، جنيد جمشيد خان، محمد عاطف، مرزا گل، فرحان علي، محمد علي خان، محمد خالد مسعود، محمد خان، محمد نعمان شفيق، محمد تڪبير خان نثارالدين، راني مهرين، اسامه احمد وڙائچ، سميع، ثمينه گل، شمشاد بيگم، طيبه عزيز، تيمور ارشد، عماره خان ۽ زاهده پروين جهاز ۾ سوار هئا، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جا جٿا، هيلي ڪاپٽر ۽ ميڊيڪل ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون جنهن بعد پاڪ فوج جي ٽيمن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو. هوڏانهن سول ايويئيشن اٿارٽي چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز  لاپته ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پائلٽ جو ڪنٽرول ٽاور سان آخري رابطو 4 لڳي 40 منٽن تي ٿيو هو. سول ايويئيشن اٿارٽي جي چيئرمين مطابق چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز پي ڪي 661 (اي ٽي آر42) اربع تي ٻنپهرن جو 3 لڳي 50 منٽن تي 47 مسافن کي کڻي چترال مان روانو ٿيو ۽ اسلام آباد اچڻ لاءِ پنهنجي روٽ تي هلندو حويليان ويجهو لاپته ٿي ويو. پائلٽ جو ڪنٽرول ٽاور سان آخري رابطو 4 لڳي 40 منٽن  تي ٿيو جنهن بعد ڪنٽرول ٽاور سان رابطو نه ٿيڻ تي جهاز کي لاپته قرار ڏنو ويو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چترال کان اسلام آباد ايندڙ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ تي امدادي ڪاررواين لاءِ سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي صوبائي حڪومت ۽ انتظاميه کي ريسڪيو ۽ ريليف ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏني، گهرو وزارت جي ترجمان مطابق جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي حادثي تي گهرو وزير جي هدايت تي گهرو وزارت طرفان سڀني لاڳاپيل کات کي الرٽ ڪيو ويو، ان حوالي سان گهرو سيڪريٽري اين ڊي ايم اي چيئرمين سان رابطو ڪيو ۽ حادثي جي حوالي سان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم نواز شريف چترال کان اسلام آباد ايندي حويليان جي هنڌ تي جهاز حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، هن فوت ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، صدر ممنون حسين ريسڪيو ٽيمن کي هنگامي بنيادن تي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صدر واسطيدر ادارن کي هدايت ڪئي ته متاثر ٿيل خاندانن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي، صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر ٿيل وارثن کي صبر عطا فرمائي. پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي آءِ اي جي جهاز جي تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت، زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ۽ متاثر خاندان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جهاز جي تباهي جي جاچ ۽ حقيقتن کي قوم جي اڳيان آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته پارٽي ڪارڪنن امدادي سرگرمين ۾ شامل ٿي وڃن. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چترال کان اسلام آباد ايندڙ جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ هڪ بيان ۾ هن حادثي تي سمورن پهلوئن کان جاچ جو مطالبو ڪندي ڪي پي ڪي حڪومت کي امدادي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چترال مان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جي مسافر جهاز جي حادثي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڪ فوج جا جوان، هيليڪاپٽر ۽ ميڊيڪل ٽيمون حويليان پهچي امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، آءِ ايس پي آر موجب اربع جي منجهند حويليان ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز جي حادثي جو اطلاع ملڻ تي ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت پاڪ فوج جا 5 سئو اهلڪارن امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو، ريسڪيو آپريشن لاءِ پاڪ فوج پاران گهربل گاڏيون ۽ ايمبولنس به حادثي واري جاءِ تي پهچي ويون، آخري اطلاعن تائين 36 ڄڻن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا.  اکين ڏٺن شاهدن چيو آهي ته پهاڙ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ جهاز مان باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺا، جڏهن واردات واري هنڌ پهتاسين ته جهاز مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو هو، تفصيل موجب اربع تي حويليا ويجهو قومي ايئر لائين جو حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جي اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته جهاز پهاڙ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ڪري ۽ جهاز مان باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺا ويا، ڪاشف نالي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ 3 کان 4 ڳوٺن جا ماڻهو حادثي واري هنڌ پهتا ته جهاز مڪمل طور تي سڙي چڪو هو، جهاز جي ويجهو هڪ شخص کي جنيد جمشيد جو سڃاڻپ ڪارڊ به مليو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *