تازيون خبرون

پهرين نيشنل ايشين اسٽائل وومين ڪوڏي ڪوڏي چيمپيئن شپ 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ۽ پاڪستان واپڊا اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان پهرين نيشنل ايشين اسٽائل وومين ڪوڏي ڪوڏي چيمپيئن شپ 14 ڊسمبر کان واپڊا اسپورٽس ڪامپليڪس لاهور ۾ شروع ٿيندي. ان حوالي سان پاڪستان ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جي سيڪريٽري رانا محمد سرور جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارا اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته چيمپيئن شپ ۾ 7 ٽيمون شرڪت ڪنديون، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *