تازيون خبرون

پرڏيهه جا ڪاغذ نٿا ٺاهي سگھجن ان لاءِ سامهون نه پيا اچن، لاهور ڌماڪي تي رانا ثناءُ الله جو بيان شرمناڪ آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ۽ ان جي ٻارڙن جيڪي بيان ڏنا ويا ۽ عدالت ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا ويا آهن انهن ۾ وڏو تضاد آهي سپريم ڪورٽ کان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نوازشريف ۽ ان جي ٻارڙن جيڪي بيان ڏنا هئا ۽ عدالت ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا ويا انهن ۾ وڏو فرق آهي ۽ اهي ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. سواءِ انهن دستاويزن جي جيڪي پاڪستان ۾ ٺهي سگهن ٿا. جيڪي ڪاغذ ٻاهر وارا آهن اهي هي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيا هن چيو ته منهنجي سڄي ملڪيت جي تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهي 20 سال اڳ جي به مني ٽرائيل جا دستاويز آهن پر اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ڪري رهي آهي اهي ماڻهو 2016  جا به دستاويز نه ڏيکاري رهيا آهن جنهن تي جج صاحبان چيو آهي ته توهان اسان سان مذاق ڪري رهيا آهيو عمران خان چيو ته عدالت ۾ 9 مهينن کان ڪوبه دستاويز پيش نه ڪيو ويو جڏهن ته مريم نواز وٽ ڪوبه پئسو نه هو سڀ ڪجهه نوازشريف جو هو ان ڪري مريم نواز کي ان لاءِ بچايو پيو وڃي ڇو ته اهو نوازشريف جو پئسو هو ۽ هو ان ڪيس ۾ ڦاسي رهيو آهي. عدالت ۾ نوازشريف جي وڪيل سڀ ڪجهه مريم نواز تي مڙهي ڇڏيو آهي ۽ مريم نواز جي وڪيل حسين نواز تي هاڻي عدالت ۾ سليم الله ۽ ڪليم الله جي راند هلي رهي آهي ۽ سڀ ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ پوءِ اهي چون ٿا ته اسان جا 3 نسل احتساب لاءِ تيار آهن جڏهن ته اڃا تائين هڪ به احتساب لاءِ تيار نه آهي هن چيو ته جيستائين وزيراعظم نوازشريف آهي پانامه ڪيس جي جاچ نٿي ٿي سگهي ڇو ته سمورا ادارا ان کي بچائي رهيا آهن ۽ سمورا ادارا ان جي هيٺان ڪم ڪري رهيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *