تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪوبه نيٽ ورڪ ناهي، افغانستان ڪنهن جي چوڻ تي ملڪ سان لاڳاپا خراب نه ڪري: چوڌري نثار

لنڊي ڪوتل/طورخم(م.ڊ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته مان پوري ذميواري سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪوبه نيٽ ورڪ موجود ناهي، پاڪ فوج، ايف سي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين سان امن قائم ٿيو آهي، جنهن ۾ قبائلي عوام سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف هميشه پهرين صف ۾ بيٺو، سندس سٺن ڪمن کي هميشه ياد رکيو ويندو، بارڊر مئنيجمينٽ کي بهتر ڪنداسين ۽ 2020ع تائين رڳو 6 ڪنٽرولڊ روٽس هوندا. طورخم بارڊر جي دوري تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغانستان دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، ان جو احترام ڪريون ٿا، هو ڪنهن جي چوڻ تي پاڪستان سان لاڳاپا خراب نه ڪري، افغانستان جو دشمن اسان جو دشمن آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *