تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين عزم سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي فرمنانروا شاههه سلمان سان ملاقات ڪئي جنهن دوران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي اداري (آءِايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب جي دوري تي آهي جتي ان جي ملاقات سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان ٿي جنهن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ گڏجي نئين عزم سان گڏ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته خطي ۾ مضبوطي جي حوالي سان ٻئي ملڪ اهم اسٽيڪ هولڊر آهن ۽ ٻنهي ملڪن تي مسلم امت جي حوالي سان اهم ذميواريون آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *