تازيون خبرون
چورن ۽ لُٽيرن کي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو: فردوس عاشق اعواڻ - پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿيۡ: جنرل باجوه - عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي: نواز شريف - افسوس سان چوان ٿو ته ڪراچي بدترين شهر بڻجي ويو آهي: جسٽس گلزار احمد - اڃا وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون، زرداري کي ڪرپشن بجائڻ لاءِ پارليامينٽ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين: عمران خان - ن ليگ جو وزيراعظم ۽ وزيرن کان اثاثا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو، جتي انصاف نه هجي جمهوريت ناهي هلندي: شاهد خاقان عباسي - افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو مفاهمتي ڪردار ادا ڪندو رهندو: شاهه محمود قريشي - مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي داخل وڌيڪ 7 ٻارڙا  فوت - لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 پوليس اهلڪار قتل، آئي جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب - رتوديرو ايڊستان بڻجي ويو، هزارين ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا، وڌيڪ 13 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق، انگ 826 ٿي ويو

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 18 رنسن تان شڪست ڏيئي ٽن ميچن واري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.نيوزيلينڊ خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز  کٽڻ کانپوءِ پاڪستان ٽي 20 جي نمبر ون ٽيم بڻجي وئي آهي. پاڪستان ڪيويز کي انهن جي هوم گرائونڊ تي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پهريون ڀيرو شڪست ڏني آهي. بي اوول ۾ کيڏي ويندڙ ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستان جي 182 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي.نيوزيلينڊ بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته 32 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيويز ڪپتان وليم سن 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. مارٽن گپٽل شاندار 59، انارو ڪچن 19، ڪولن ڊي گرينڊ هوم هڪ، روس ٽيلر 25، ٽوم بروس 22 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليا ويا.پاڪستان جي محمد عامر، عامر يامين، رومان رئيس ۽ فهيم اشرف  هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *