تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

پاڪستان زمبابوي ون ڊي ميچ ۾ امپائرن قانون موجب فيصلو ڏنو: آءِ سي سي

دبئي (اسپورٽس نيوز ) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيو آهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻي ون ڊي انٽر نيشنل ۾ امپائرن رولز موجب فيصلو ڪيو. ٻئي ٽيمون گهٽ روشني جي نشاندهي ڪري سگهن ٿيون. جنهن جو فيصلو فيلڊ امپائرن کي ڪرڻو هودو آهي. هراري ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي انٽر نيشنل ۾ ميزبان ٽيم آخري وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 12 بالن تي 21 رنسون گهربل هيون گهٽ روشني جي نشاندهي ڪرائي. جنهن تي امپائرن ميچ روڪي ڇڏي ۽ پوءِ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿيڊ تحت زمبابوي کي 5 رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب روشني گهٽ ٿيڻ جي نشاندهي ڪا به ٽيم ڪرائي سگهي ٿي ۽ ٽيم طرفان شڪايت تي راند ختم ڪرڻ جو فيصلو امپائر ڪندو آهي جنهن کي ٻنهي ٽيمن طرفان تسليم ڪيو ويندو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *