تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

پاڪستان جي افغانستان جي مسئلن جو سبب هجن جو تاثر کي ظاهر ٿيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي

لاهور (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي افغانستان واري مسئلن جي سبب واري تاثر کي ظاهر ٿيڻ گهرجي، سرتاج عزيز کي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي شرڪاءُ کي پاڪستان جي قدمن، پاليسين ۽ سوچ سان موثر طريقي سان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي هئي، افغانستان جي صدر اشرف غني جي پاڪستان جي الزامن تي رد عمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته اسان افغانستان جي مسئلن سبب پاڪستان کي قرار ڏنل تاثر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان ڳالهيون ڪنداسين، هن چيو ته اسان کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان، افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪهڙيون پاليسيون ۽ قدم کنيا آهن، هن چيو ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي هارٽ آف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي موثر طريقي سان ڳالهيون ڪرڻ ڪائل ڪرڻ گهرجي ها.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *