تازيون خبرون

پاڪستان جو عالمي برادري کان 1969 جي فلسطيني سرحدن جي بحالي جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم نوازشريف 1969 جي فلسطيني سرحدن جي بحالي جو مطالبو ڪندو عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو فلسطين جي مسئلي جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري فلسطيني مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو مشرق وسطي ۾ امن جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا فلسطين مان اسرائيلي آبادي نڪرڻ گهرجي فلسطيني صدر سان ملاقات ۽ انتهائي فائديمند رهي ۽ پاڪستان پنهنجي برادر ملڪ جي حمايت جاري رکندو پاڪستان جي دوري تي آيل فلسطيني صدر محمود عباس وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو وزيراعظم نوازشريف ان جو شاندار آجياڻو ڪيو ۽ وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي ئي فلسطيني صدر کي پاڪ فوج جي ڦڙت دستي سلامي پيش ڪئي ۽ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو وزيراعظم نوازشريف ۽ فلسطيني صدر ۾ مذاڪرات ۾ فلسطين جي مسئلي ٻطرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطيني مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو نوازشريف چيو ته هو مشرق وسطي ۾ امن جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو صحافين کي بريف ڪندي فلسطيني صدر پاڪستان جي ميزباني ۽ شاندار آجياڻي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان مهمان نوازي لاءِ مشهور آهي وزيراعظم ۽ حڪومت جي تعاون جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل فلسطين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ملاقات ۾ خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف ۽ فلسطيني صدر محمود عباس فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو اڱاري تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سفارتخاني جي اعليٰ اختيارين کان سواءِ فلسطين جي شهرين شرڪت ڪئي ٻنهي اڳواڻن نئين ڪامپليڪس جي تختي لڳائي ياد رهي ته پاڪستان 1992 ۾ سفارتخاني لاءِ رکيل ايراضي جو عطيو ڏنو هو ان منصوبي لاءِ 10 لک ڊالر به فراهم ڪيا فلسطين جي صدر محمود عباس منصوبي جي تڪميل لاءِ مالياتي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي حڪومت پاڪستان جا ٿورا مڃيا هن ان کي پاڪ فلسطين وضبوط دوستي جي عمده علامت قرار ڏنو ان کان اڳ فلسطيني سفارتخاني تي اچڻ تي صدر محمود عباس وزيراعظم جو آجياڻو ڪيو ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا جڏهن ته هڪ ننڍڙي ٻارڙي وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ان کان پوءِ وزيراعظم سفارتخاني جا مختلف حصا ڏٺا وزيراعظم نوازشريف ۽ صدر محمود عباس مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق وزير ۽ سفيرن ليفٽيننٽ جنرل عبدالقادر بلوچ به تقريب ۾ ساڻس گڏ هو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *