تازيون خبرون

پامانه ليڪس ڪيس، جمع ڪرايل دستاويز فيصلي لاءِ ناڪافي قرار، ڇو نه ڪميشن جوڙي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ پاناما ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جي قيام جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪميشن جوڙي وئي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، جڏهن ته چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته هو رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، فل ڪورٽ ريفرنس کانپوءِ ڪنهن بينچ ۾ نه ويهندو، ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي جنوري ۾ ٿيندي، جمعي تي چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ پاناما ليڪس جي درخواستن تي مختصر ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن سميت مسلم ليگ ن جا وڪيل به موجود هئا، ٻڌڻي دوران بينچ ريمارڪس ڏنا ته الزام مڙهيندي پارٽي ۽ جن مٿان الزام مڙهيا ويا آهن ٻنهي جيڪي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا آهن ان جو ڪو فيصلو ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن انڪري ان معاملي جي جاچ لاءِ ڇو نه ڪميشن جوڙي وڃي، پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته اسان ڪميشن جوڙڻ جي خلاف آهيون، جيڪڏهن ڪميشن جوڙي وئي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عدالت فيصلو ڪري ۽ جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته اسان پنهنجو ڪيس صحيح انداز ۾ پيش نه ڪري سگهياسين پوءِ به پيش ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ته وزيراعظم جو ڪيس ڪمزور آهي ته تڏهن به فيصلو ڏنو وڃي، نواز شريف جي ٻارڙن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حسن نواز  ۽ حسين نواز اووسيز پاڪستاني آهن، عدالت سمجهي ته اسان جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجنداسين، ڪميشن جي بناوت يا خود ٻڌڻي بابت عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اسان کي منظور هوندو، چيف جسٽس وزيراعظم جي وڪيل سلمان اسلم بٽ کان پڇيو ته توهان کي ڪميشن جوڙڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙيون هدايتون مليون آهن، هن جواب ۾ چيو ته عدالت جيڪو چاهي فيصلو ڪري، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي پر پي ٽي آءِ پاران ڪميشن جوڙڻ کان انڪار سامهون آيو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻي ڌر کي ڇڏي، توهان پنهنجو موقف ٻڌايو، سلمان اسلم بٽ چيو ته اڃاتائين وزيراعظم جي خلاف ڪو به ثبوت رڪارڊ تي ناهي، ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪري يا ڪميشن جوڙي وڃي اسان کي فيصلو قبول آهي، شيخ رشيد چيو ته نانگ جو ڪکيل نوڙي کان ڊڄندو آهي، هن چيو ته توهان پتا نه پڙهيا آهن پر اسان هزارين صفحا پڙهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته ڪيس ۾ عدالت تي وڏي ذميواري هوندي آهي نٿا چاهيون ٿا جنهن جي خلاف فيصلو اچي اهو چوي ته اسان کي نه ٻڌايو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته بينچ جي بناوت کانپوءِ ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي ٿيندي ۽ وڪيلن کي ٻيهر دليل ڏيڻا پوندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *