تازيون خبرون

ٽوبا ٽيگ سنگهه ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت، ڪيترن جي حالت نازڪ

ٽوبا ٽيگ سنگهه (م.ڊ) پنجاب جي شهر فيصل آباد جي علائقي ٽوبا ٽيگ سنگهه ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 18 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٽوبا ٽيگ سنگهه جي مبارڪ آباد پاڙي ۾ زهريلو شرب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته 10 متاثر ماڻهن کي ويجهي اسپتال ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيو ويو، 8 متاثرن جو الائيڊ اسپتال فيصل آباد ۾ علاج جاري آهي، زهريلو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن، جڏهن ته جلد ئي اهڙو زهر وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *