تازيون خبرون

ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽريڪچر کان سواءِ اقتصادي ترقي ممڪن ناهي، سي پيڪ سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا وارو خطو گڏجي ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سي پيڪ سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا وارو خطو گڏجي ويندو اقتصادي تعاون تنظيم کي هڪ طاقتور اقتصادي بلاڪ بنائڻ ۽ ترقي ڏانهن اڳڀرائي لاءِ موثر ادارا بنائڻ جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ بينادي ڍانچو موجود آهي پاڻ ۾ رابطن کي هٿي ڏيئي ان انگن اکرن ۾ واڌ ڪري سگهون ٿا ايشيا جي اقتصادي ۽ واپاري مقصد هجڻ جي پنهنجي تاريخي ڪردار کي زنده ڪرڻ وقت اچي ويو آهي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽريڪچر کان سواءِ اقتصادي ترقي ممڪن نه آهي اربع تي اقتصادي تعاون تنظيم جو تيرهون سربراهه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جو وزيراعطم نوازشريف کي تنظيم جو چيئرمين چونڊيو ويو اجلاس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن آزربائيجان قزاخستان قرغستان ايران تاجڪستان ترڪي ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومت کان سواءِ چين جي خصوصي نمائندن شرڪت ڪئي پاڪستان ۾ افغانستان جي سفير سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي اقتصادي تعاون تنطيم 1985 ۾ قائم ڪئي ويئي شروعاتي طور تي ايران پاڪستان ۽ ترڪي ان تنظيم جا ميمبر هئا جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي تعاون کي هٿي ڏيڻ هو اها تنظيم علائقائي تعاون ترقي جو تسلسل آهي جيڪو 1964 کان 1979 تائين قائم رهيو 1992 ۾ ايڪو ۾ 7 نون ميمبرن جي واڌ ڪئي ويئي جنهن ۾ افغانستان، آزربائجان قزاخساتان ڪرغستان تاجڪستان ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن شروعاتي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان سڀني ملڪن جي صدرن سميت وڌيڪ شريڪ ٿيندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ چيو ته اجلاس ۾ چين ۽ گڏيل قومن جي نمائندن جي شرڪت تي ٿورائتو آهيان وزيراعظم نوازشريف چيو ته هي بهترين وقت آهي جو اڳتي طرف اڳڀرائي ڪئي وڃي علائقائي خوشحالي لاءِ رابطن جي پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ان کان وڌيڪ مناسب وقت پهريان ڪڏهن به نه آيو اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهن اجلاس ۾ سمورا 10 رڪن ملڪن جي 8 مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهه موجود آهن وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان جو محل وقوع بهترين آهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام آهي ۽ اقتصادي تعاون تنظيم کي هڪ طاقتور بلاڪ بنائڻ ۽ ترقي ڏانهن اڳڀرائي لاءِ ان کي هڪ موثر اداري بنائڻ جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ بنيادي ڍانچو موجود آهي هن چيو ته اقتصادي تنظيم تعاون جو 13هون سربراهي اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن تنظيم جي واڌ جي 25هين سالگرهه آهي اها اقتصادي تعاون تنظيم جي بنيادي اصولن ۽ نظريات جي تجديد جو پرمسرت موقعو آهي هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جو ايجنڊا هميشه عوام سبب ئي ٿيو آهي هن سربراهه ڪانفرنس ۾ اسان ميمبر ملڪن ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ واپاري رستن تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن اقتصادي تعاون تنظيم خطي جي عوام ترقي ڪري سگهي وزيراعظم چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جو خطو غير اهم جاگرافيائي علائقو نه آهي هي هڪ وسيع علائقو آهي جيڪو دنيا جي آبادي جو ڇهون حصو آهي هن خطي ۾ لاتعداد موقعا موجود آهن ۽ دنيا جي آبادي ۾ 16 سيڪڙو ايڪو ملڪن جو آهي جڏهن ته دنيا جي واپار ۾ ان جو حصو صرف 2 سيڪڙو آهي اهڙي طرح ايڪو ملڪن جو دنيا سان واپار ۾ وڏو معمولي حصو آهي وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ايشيا جي اقتصادي ۽ واپاري مرڪز ٿيڻ واري پنهنجي تاريخي ڪردار کي زنده ڪيون هن چيو ته ان ڪانفرنس جو علائقائي خوشحالي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ جو موضوع اسان جي گڏيل ماضي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ اسان جي گڏيل ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنطيم جي علائقائي تعاون جو هڪ وڏو مثال بڻائي سگهجي ٿو اسان جي عوام جون زندگيون ان زريعي سنواري سگهجن ٿيون هن چيو ته خطي جي ملڪن سينٽرل ايشين ٽرانس يورايشين لينڊ برج جي ذريعي تيزي سان اڀري رهي آهي ٿر ۽ جابلو علائقن کي پار ڪندي تيل ۽ گئس پائپ لائينون مارڪيٽ تائين پهچي رهيون آهن ۽ ريل روڊ نيٽ ورڪس رابطن کي وڌائڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي هن چيو ته اسان کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته ڏکڻ ايشا ۽ وچ ايشا ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري هاڻي توانائي بنيادي ڍانچي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ رابطن ۽ واپار کي وڌائڻ جو بنيادي منصوبو تسليم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل صارفين جي منڊي آهي جيڪا وڌندڙ طبقي تي ٻڌل آهي ۽ اسان تمام جلد وچ مشرق آفريڪا ۽ يورپ جي مارڪيٽن تائين آسان تيز ترين ۽ سستي بنيادي ڍانچي کي پهچائينداسين هن چيو ته اي سي او کي هڪ طاقتور اقتصادي بلاڪ ۽ ترقي جو مرڪز بنائڻ جي حوالي سان اسان جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو محل وقوع سياسي استحڪام ۽ هاڻي وڌندڙ بنيادي ڍانچو اهميت وارو آهي وزيراعظم چيو ته سربراهه اجلاس دوران اعلان اسلام آباد ۽ اي سي او ويزن 2025 جي منظوري عصري اقتصادي چئلينجن سان گڏجي منهن ڏيڻ جي اي سي او جي ميمبر ملڪن جي اتفاق راءِ ۽ عزم جي عڪاسي ڪندي. هن چيو ته اعلان اسلام آباد ۾ واپار ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جهڙن بنيادي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي جيڪو خطي ۾ تبديلي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته امن ۽ ترقي لاءِ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي جڏهن ته اي سي او اجلاس دوران گڏيل رابطن کي موثر بنائڻ تي زور ڀريو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اجلاس خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مشاورت جو بهترين موقعو فراهم ڪيو مختلف ملڪن جي سربراهن جي شرڪت اجلاس کي ڪامياب بڻايو هن چيو ته اي سي او کي دنيا جو هڪ متحرڪ ۽ فعال بلاڪ بنائڻو آهي ۽ ان جي حڪومت ويزن پرامن همسائڪي کي يقيني بنائڻ آهي پائيدار ترقي ۽ ان لاءِ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *