تازيون خبرون

يو ايس ايڊ توانائي، معاشي ترقي، زراعت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪيترن ئي پورگرامن ذريعي تعاون ڪري رهيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) يونائٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (يو ايس ايڊ) سنڌ جي ماڻهن سان توانائي، معاشي ترقي، زراعت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن ذريعي تعاون ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يو ايس ايڊ جي هڪ وفد سان ڳالهه ٻول ڪندي ڪئي، وفد جي اڳواڻي مشن ڊائريڪٽر جان گارڪ ڪئي، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مس ڊينس اي هربول، يو ايس ايڊ جي صلاحڪار ذوالفقار گورو ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي رٿابندي ۽ ترقيات وارو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ شامل هو. يو ايس ايڊ 66 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌ ميونسپل سروسز پروگرام (ايم ايس پي) جنهن جو مقصد اتر سنڌ ۾ پبلڪ انفرا اسٽريڪچر ۽ ميونسپل کي بهتر بڻائڻ آهي. ان پروگرام جو مرڪز جيڪب آباد ميونسپل پروجيڪٽ آهي جنهن تحت پاڻي، صفائي ۽ سالڊ ويسٽ انفرا اسٽريڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي. ايم ايس پي تحت ٻه لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهندو. 2014ع کان يو ايس ايڊ يونائيڊ نيشن چلڊرين فنڊ (يو اين سي ايڇ) جي گڏيل ڀائيواريءَ سان ايم ايس پي کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، ان تحت سوشل موبيلائيزيشن ۽ ترقياتي اسڪيمن جي گنجائش ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪب آباد واري منصوبي جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر تي زور ڀريو ته هُو اهڙا پروگرام جوهي، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، شهدادڪوٽ، قمبر علي خان ۾ به شروع ڪري. هن چيو ته انهن پنجن شهرن لاءِ اوريجنل پروجيڪٽ جي منظوري به ڏني وئي آهي. مشن ڊائريڪٽر چيو ته هُو منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺندو ۽ سنڌ حڪومت سان فني سهڪار کي وڌايو ويندو. سيد مراد علي شاهه اڪنامڪ گروٿ ۽ زرعي شعبن بابت به ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته اهي منصوبا لائيو اسٽاڪ، ڀاڄين ۽ باغيچن واري شعبي ۾ به سهڪار ڪندو. ان پروجيڪٽ جي بدولت 265 ملين ڊالر جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، 16000 پروڊيوسر لاءِ 20 سيڪڙو آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٽيهه هزار ملازمتون پيدا ٿينديون. هن چيو ته اهو تمام  اهم منصوبو آهي ۽ سندس حڪومت ان تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. ٻيو منصوبو جنهن تي غور ڪيو ويو ونڊ انرجي جو آهي، جنهن لاءِ ٽرانسميشن لائين ونڊ پروجيڪٽ کان نيشنل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍڻ جي تعمير لاءِ 43 ملين ڊالرز جي فراهميءَ جو ارادو ڪيو آهي ۽ اهو هڪ ڀيرو مڪمل ٿي وڃي ته ٽرانسميشن لائين مان اٽڪل 2.6 ملين ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. ٻيا منصوبا جيڪي غور هيٺ آيا، انهن ۾ تعليم، صحت، اسڪالرشپ پروگرامز، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جي آءِ ايم ايس) شامل هئا. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) تحت يو ايس ايڊ 155 ملين ڊالرز فراهم ڪري رهي آهي، جن سان ستن اترين ضلعن ۽ ڪراچي ڊويزن جي پنج ضلعن جي اسڪولن ۾ شاگردن جي اينرولمينٽ وڌائي ويندي. ايس بي اي پي تحت 100 نوان اسڪول تعمير ڪيا ويندا ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ ٻارن کي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو. صحت جي شعبي تحت ميٽيرنل اينڊ چائيلڊ هيلٿ (ايم سي ايڇ) پروگرام 400 ملين ڊالرز جي لاڳت سان 2012ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن تحت ري-پروڊڪٽو هيلٿ ۽ فيملي پلاننگ جي شعبن ۾ تعاون ڪيو ويو، جنهن جي بدولت زچگي جي دوران نون ڄاول ٻارن ۽ ٻارن جي موت واري شرح ۾ گهٽتائي ٿي. يو ايس ايڊ جي فنڊنگ سان قائم جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز (جي آءِ ايم ايس) 133 بسترن تي مشتمل آهي، جتي هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي سهولتون ڏينون پيون وڃن. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) سان يو ايس ايڊ 1950ع کان سهڪار ڪري رهيو آهي. يو ايس ايڊ 2012ع ۾ 60 بسترن تي ٻڌل فسٽلا (ٖFistula) ۽ اوبي گائني وارڊ تعمير ڪيو، جنهن ۾ ساليانو هڪ لک چاليهه هزار عورتن کي صحت جو سهولتون ۽ 1300 هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز کي تربيت ڏني پئي وڃي. وڏي وزير مشن ڊائريڪٽر سان ريزيلنس پروگرام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو اصل ۾ يوٿ ورڪ فورس ڊولپمينٽ پروگرام (واءِ ڊبليو ڊي پي) آهي، جنهن تحت نوجوان ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي صلاحيتن ۽ ريزيلنس کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪراچي ۾ ستن ملين ڊالرن جي لاڳت سان امن انسٽيٽيوٽ آف ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ٽن سالن جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن تحت غريب نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي آهي، ان سان گڏوگڏ يوٿ ايمپلائيمينٽ پروجيڪٽ 13000 کان وڌيڪ نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير يو ايس ايڊ مشن پاران سهڪار ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *