تازيون خبرون

وڏي وزير پاران ڪراچي شهر جو دورو، ترقياتي ڪمن ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ ڪراچي شهر جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو به وڏي وزير سان گڏ هو. وڏو وزير سيد مراد عولي شاهه صدر واري علائقي ۾ واقع جهانگير پارڪ پهتو جتي هن هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جهانگير پارڪ کي خوبصورت بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته جهانگير پارڪ سوا پنج ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهي، ان جي لاڳت 220 ملين رپين ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه آر او پلانٽس پڻ شامل آهن. هڪ آر او پلانٽ 50000 گيلن پيئڻ جو پاڻي ڏيندو ۽ ٻيو پارڪ کي پاڻي فراهم ڪندو. ان بعد وڏي وزير بوهري بازار جو دورو ڪيو. وڏي وزير روڊن ۽ گهٽين جي ترقياتي ڪمن ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو کي جاري ڪم جلدي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر ۾ دڪاندارن سان ملاقاتون ڪيون. دڪاندارن وڏي وزير کي هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ فٽ پاٿ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هڪ زماني ۾ هتي ٽرام هلندي هئي. وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ صدر واري علائقي ۾ نئين نيڪاليءَ واري نظام جي پائپ لائينون وڇائيون ويون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مير ڪرم علي ٽالپر روڊ تي واقع پراڻين ماڙين / عمارتن کي بحال ڪرڻ بابت جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شوري انهن پراڻي ماڙين جي بحالي جي حوالي سان وڏي وزير کي بريف ڪيو. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ٻڌايو ته پراڻين ماڙين ۽ علائقن جي بحالي لاءِ ورلڊ بينڪ جو پروگرام موجود آهي. وڏي وزير مينسفيلڊ اسٽريٽ صدر جو به دورو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مينسفيلڊ اسٽريٽ جي بحالي تي علائقي واسين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير کي مينسفيلڊ اسٽريٽ جي مسئلن بابت اتي موجود هڪ عورت آگاهه ڪيو. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان کي مينسفيلڊ اسٽريٽ جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان اسٽريٽ تي برسات دوران پاڻي ناهي بيهندو. وڏي وزير مينسفيلڊ اسٽريٽ جي رهواسين سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو ڪراس چيڪ ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *