تازيون خبرون

وڏي وزير جي ڪوششن رنگ لاڳو، وفاق ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو سي پيڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي هڪ ورڪنگ گروپ جوڙيو آهي، ته جيئن ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جو انتظامي ڪنٽرول ۽ ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) جي رائٽ آف وي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي سمورين قانوني گهرجن ۽ تقاضن کي پوري ڪري سگهجي. اهو فيصلو اڄ سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وچ ۾ ملاقات دوران وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪيو ويو. وڏي وزير جي معاونت صوبائي ٽرانسپورٽ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ طحهٰ فاروقي، سيڪريٽري فنانس حسن نقوي ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزير جي معاونت سندس ٽي رڪني ٽيم ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو ڪراچي سرڪيولر ريلوي واري رٿا کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا ان مسئلي تي چائنيز اٿارٽيز سان ملاقاتون ڪيون آهن ته ان کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ مون کي اميد آهي ته منهنجون ڪاوشون ضرور ڪاميابي ماڻينديون. هن چيو ته اصل ڪي سي آر رٿا جي ڊيگهه 43.12 ڪلوميٽر آهي، جيڪا ڊرگ روڊ کان سرڪلر ۾ الادين پارڪ تائين آهي، ان سرڪلر ۾ جنهن تي 2609 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ لاڳت ايندي. هن چيو ته ان رٿا جي موجوده اسڪوپ ۾ واڌ ڪندي ان کي سٽي اسٽيشن کان اسٽيل ملز شروع ڪرڻو آهي ۽ بعد ۾ ڊي ايڇ اي سٽي سپر هاءِ وي کان ٽاور ڏانهن سرڪلر جو رخ هوندو. ان سان سڄي سمورو شهر بشمول صنعتي ۽ رهائشي علائقن جو احاطو ٿي سگهندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انٽرنيشنل بڊنگ ذريعي هڪ نئين فزيبلٽي تيار ڪئي وڃي ته جيئن ڪي سي آر جي مستقبل جو احاطو ڪري سگهجي، پر هن وقت ڌيان ان رٿا جي شروع ڪرڻ تي هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ هن چيو ته هُو ذاتي طور تي چين جو دورو ڪندو ۽ جوائنٽ ڪائونسل فار ڪارپوريشن (جي سي يس) ۾ شرڪت ڪندو ته ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڪي سي آر واري رٿا 1964ع ۾ شروع ٿي هئي ۽ اهو ماس ٽرانسپوٽيشن سسٽم 1984ع تائين موثر رهيو. ان رٿا جي افاديت هلندڙ وقت ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ گهٽتائيءَ ڪري متاثر ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ريل گاڏين جي تعداد ۾ ڪمي ٿي، انڪري ان جي آپريشن استدادڪار گهٽ ٿيندي وئي ۽ آخرڪار ڊسمبر 1999ع ۾ انکي بند ڪيو ويو. انهيءَ بعد وفاقي حڪومت ۽ جائيڪا 2008ع ۾ ان جي اسٽڊي ڪئي ۽ 2009ع م رپورٽ فائل ڪئي. جائيڪا آسان شرطن تي قرضو ڏيڻ جي تجويز جي آڇ ڪئي پر ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ ڪري ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. 2008ع ۾ ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جوڙي وئي، جنهن ۾ 60 سيڪڙو حصو پاڪستان ريلوي جو آهي، 25 سيڪڙو حصو سنڌ حڪومت ۽ 15 سيڪڙو ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو آهي. ڪي يو ٽي سي کي ڪراچي سرڪولر ريلوي (ڪي سي آر) رٿا تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وڏي وزير ڪي سي آر رٿا کي شروع ڪرڻ لاءِ ڪي يو ٽي سي جو انتظامي ڪنٽرول وٺڻ لاءِ پلان تيار ڪيو آهي، ان تي غور ويچار ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وزيراعظم نواز شريف کي خط لکيو هو ته ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي اونرشپ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪي سي آر رٿا کي سي-پيڪ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ سهڪار ڪري ۽ ڪي سي آر رٿا لاءِ خودمختيار ضمانت ڏئي. هن چيو ته مان وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان ته منهنجو جيئن ئي کيس خط مليو، هن ان جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ وزيراعظم سنڌ جي ماڻهن جي مفاد ۾اسان سان تعاون ڪري رهيو آهي. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم نواز شريف ڪي يو ٽي سي جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ هن سنڌ حڪومت کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير ڪي يو ٽي سي جي مئنجميٽ حوالي ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي سي آر جي رائٽ آف وي سنڌ کي حوالي ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي واضع ڪرڻ ۽ هڪ ورڪنگ گروپ جوڙڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ۽ هي گروپ اي سي ايس (ترقيات) محمد وسيم. سيڪريٽري ترانسپورٽ طحهٰ فاروقي ۽ ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان ۽ وزارت ريلوي جي چيف انجنيئر بشارت، ڊي ايس ڪراچي ۽ چيف مارڪيٽنگ آفيسر تي ٻڌل هوندو ۽ اهي ايندڙ هفتي کان اجلاس شروع ڪندا. وفاقي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هُو سنڌ حڪومت کي تمام ضروري ماهرن جي مدد به فراهم ڪندو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ريلوي جي 260 ايڪڙ تي مشتمل زمين سنڌ حڪومت کي ڪي سي آر رٿا لاءِ ڏني ويندي. واضح رهي ته ڪي سي آر روٽ سان 3600 حدد خليون آهن، انڪري وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته انهن حددد خلين کي هٽائڻ لاءِ منصوبو جوڙيو وڃي. انهيءَ دوران ملاقات ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته جائيڪا اسٽڊي سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت ان رٿا جي هڪ ٻئي اسٽڊي لاءِ عالمي فرمز کي گهرائيندي ته جيئن ان جي اسڪوپ ۾ خاطر خواهه واڌ ٿي سگهي. وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هُو حددد خلين جي خاتمي لاءِ ڪلين-پلان چاهي ٿو ۽ هو ان ڄاڻايل رٿا جي چئوطرف بائونڊري وال جي تعمير شروع ڪرائيندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اهو تحفو ڪراچي جي شهرين کي ڏيڻ چاهي ٿي. خواجه سعد رفيق وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪاوشن ۽ جذبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اوهان جي اڳواڻي قابل ستائش ۽ متحرڪ آهي ۽ اوهان اهو ڪم ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته منهنجي وزارت اوهان سان هر قسم جو سهڪار ۽ تعاون ڪندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *