تازيون خبرون
آمريڪي صدر سان عمران خان جي ملاقات، ٽرمپ پاران ڪشيمر مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ - اخبارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان، ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ پهتي آهيان: فردوس عاشق - آئين جي حڪمراني تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، عوامي حق غصب ڪندڙ سان ويڙهه ٿيندي: ن ليگ - امداد جو مقصد پاڪستاني معيشت ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ آهي: آءِ ايم ايف - جهڪيو آهيان نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، سفارشن باوجود اين آر او نه ڏيندس: عمران خان - وڪيل تيزي سان پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن، پنهنجي عزت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائن: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان وائيٽ هائوس واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: آئي ايس پي آر - جج وڊيو اسڪينڊل: ميان طارق 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،دماغي ڪينسر آهي،  جيل وڃي مري ويندس: جوابدار - سنڌ حڪومت پاران ڊويزنل ھيڊ ڪورٽرز ۾ (اين آءِ سي ايڇ) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو - افسوس آهي ته وزيراعظم پرڏيهه ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪنٽينر تان ناهي لٿو: بلاول ڀٽو زرداري

وڏي وزير جي صلاحڪارن مولابخش چانڊيو، سعيد غني ۽ عبدالقيوم سومرو استعيفائون ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ حڪومت جي ٽن صلاحڪارن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو،   ليبر کاتي جي صوبائي صلاحڪار سعيد غني ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڏياري موڪلي آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ مرتضيٰ وهاب کان قانون جي صلاحڪار واري حيثيت جو قلمدان واپس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران مرتضيٰ وهاب کان قلمدان واپس وٺڻ بابت نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جو چوڻ هو ته سعيد غني، مولا بخش چانڊيو ۽ اصغر جوڻيجو به مختلف کاتا هلائي رهيا آهن، انهن کي به عهدن تان هٽايو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ مولا بخش چانڊيو، اصغر جوڻيجو ۽ سعيد غني کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن.سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، مولا بخش چانڊيو پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ ان عهدي تي رهڻ مناسب ناهي، شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به احترام ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *