تازيون خبرون

وفاقي حڪومت جو فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اها آئيني ترميم سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي ويندي. وزيراعظم هائوس ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽنينٽ جنرل نويد مختار، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي مددگار طارق فاطمي، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽنينٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعا سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جن ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي کي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي جو حصو بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاليسي کي ڀرپور صلاحيتن سان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته فوجي عدالتن دهشتگردي، انتهاپسندي خلاف ۽ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ اڳ ئي آئين ۾ترميم لاءِ صلاح مشوري شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ پارليامينٽ مان ان جي باقاعدي منظوري ورتي ويندي.27

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *