تازيون خبرون

وزير اعظم پي ايس ايل فائنل کي عالمي راند جي واپسي ڏانهن پهريون قدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته خوش آهيان ته عوام کي انهن جي پسنديده راند جي لاءِ خوشيءَ جو ماحول فراهم ڪري سگهياسين، پنهنجي پيغام ۾ نواز شريف چيو آهي ته پي ايس ايل فائنل پاڪستان کي راند جي منظرنامي جي نقشي تي آڻڻ جو پهريون قدم آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پي ايس ايل جو فائنل مستقبل لاءِ مثبت اشارو آهي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄوڪي مئچ سان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحالي ٿي سگهي ٿي، پي ايس ايل فائنل ڪرڻ تي پنجاب حڪومت مبارڪون لهڻي، هن چيو ته عالمي رانديگرن جو پاڪستان اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته پي ايس ايل جو فائينل ڪاميابيءَ سان ٿي وڃڻ کانپوءِ مستقبل ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا در پاڪستان لاءِ کلي وڃن ۽ ٻيهر عالمي راند جي بحالي ممڪن ٿي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *