تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

وزير اعظم اسيمبلي ۾ ڪوڙ ڳالهايو، سچ اهو آهي ته اسحاق ڊار نواز شريف لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ماڻهن کي ڊپ آهي ته پاناما ڪيس ايترو ڊگهو ڇو پيو ٿئي، هنن کي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ  ۾ ڪوڙ نه هلندو، نواز شريف اسيمبلي ۾ ڪوڙ ڳالهايو جڏهن ته سچ اهو آهي ته اسحاق ڊار نواز شريف جي مني لانڊرنگ ڪئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ قطري شهزادن جا  خط ڏيکاري ڪوڙ ڳالهايو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مئجسٽريٽ جي سامهون بيان ڏنو ته هن نواز شريف جي ڪٽنب جي لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي. اسان چاهيون ٿا ته پاناما ليڪس جي فيصلو جلد ٻڌايو وڃي، پاڪستان جو نظام رڳو ڪمزورن کي پڪڙيندو آهي طاقتورن کي نه. هن چيو ته پاڪستان جو الميو آهي جو ماڻهو چوندا آهن ته نواز شريف کي سزا نه ٿيندي، چوڌري نثار چيو ته نيب جو چيئرمين سپريم ڪورٽ مقرر ڪري ۽ اسان چوڌري نثار جي مطالبي کي ڀليڪار چئون ٿا. اسحاق ڊار حلف نامو ڏنو هو ته هن نواز شريف جي ڪٽنب لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته نيب جي ڪا به ڪريٽيبلٽي ناهي، نواز شريف خلاف نيب ۾ 12 ڪيس آهن، نيب چيئرمين کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڪرپشن جو سبب ئي نيب آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم ڪيس پاناما آهي، يهودي لابي پهرين ئي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام پيٺان پيل آهي، سوشل ميڊيا تي ماڻهو پڇي رهيا آهن ته نيب ٻڌائي ته ڪرپشن مان ڪيترو پيسو ڏيڻو پوندو ۽ ڪيترو پاڻ وٽ رکڻو پوندو. اوگرا ۽ نيپرا جهڙا ادارا به سندن ماتحت ٿين ته حڪومت من ماني ته ڪندي، پنجاب ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي بحالي جي سخت مذمت ڪيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ريگيوليٽر اٿارٽين جو وزارتن جي ماتحت ٿيڻ قبول ناهي، 27 ڊسمبر  جو انتظار آهي، جيڪڏهن نيب صحيح ڪم ڪري ها ته ملڪ ۾ ڪرپشن نه ٿئي ها.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *