تازيون خبرون

وزير اعظم آئي سي آئي جي، جي رپورٽ تي ڳالهائي معاملي کي حقيقت بڻايو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م.ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته آءِ سي آءِ جي، جي رپورٽ ڪوڙي آهي ته پوءِ وزيراعظم کي ان تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ان معاملي کي پاڻ ن ليگ حقيقت بڻايو، قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته مان به سمجھان ٿو ته آءِ سي آءِ جي، جي رپورٽ ڪوڙي آهي پر جيڪڏهن آءِ سي آءِ جي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي ته برطانوي وزيراعظم پارليامينٽ کي وضاحتون پيش ڇو ڪيون؟ ڇو آئس لينڊ جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏني. جيڪڏهن اهو ڪوڙ هو ته پوءِ وزيراعظم کي ان تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ان معاملي کيپاڻ مسلم ليگ ن حقيقت بڻايو آهي، هن چيو ته پاناما معاملي تي برطانوي وزيراعظم ڪلاڪن جا ڪلاڪ وضاحتون ڏنيون جيتوڻيڪ ان جو نالو ته ان ۾ شامل به نه هو، مان حيران آهيان ته حڪومت طرفان ڪهڙا جواب اچي رهيا آهن، اسان سدائين پارليامينٽ کي اهميت ڏني آهي ۽ ان کي عزت بخشي آهي، اسان جي وزيراعظم ڪڏهن به ان پارليامينٽ کي ناهي ڇڏيو، اسان جو وزيراعظم هر روز پنهنجي سيٽ تي اچي ويهندو هو ۽ سڀ ڪجھه ٻڌندو هو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *