تازيون خبرون

وزيراعظم ڪنهن جي دٻاءَ تي ايوان ۾ نه ايندو: ن ليگ

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اطلاعات جي سيڪريٽري سينيٽر مشاهدالله چيو آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار کان استعيفيٰ وٺڻ جي بجاءِ سندس اڳواڻي ۾ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ ڪاميابين تي ساراهڻ گهرجي. اڄ تائين ڪيترا به ڪميشن ٺهيا ان جون رپورٽون آيون ڇا ڪنهن وزير ان تي استعيفي ڏني پاناما ليڪس ۾ وزيراعظمنواز شريف جو نه پر بلاول جي والده بينظير ڀٽو جو نالو آهي. خورشيد شاهه انتهائي گهٽيا ڳالهه ڪئي آهي ته هاڻي ته چيف جسٽس به پنهنجو اچي رهيو آهي هن جو اهو بيان پنهنجن ادارن جي توهين ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. عمران خان ته پاڻ چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن کي نه مڃيو. هاڻي هو ڇو رڙيون ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي بيانن تي رد عمل ڏيندي مشاهدالله خان چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ڪوئيٽا واقعي جي ذميوار ن ليگ جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت آهي ته پوءِ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سميت جيترا به دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن ان جو ذميوار عمران خان ۽ اتان جي صوبائي حڪومت آهي. حقيقت ۾ عمران خان ڪي پي ڪي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ کيس 2018 ۾ اتي شڪست واضح نظر اچي رهي آهي ۽ ان ناڪامي کان بچڻ لاءِ هو روزانو ن ليگ جي حڪومت تي طرح طرح جا الزام لڳائيندو رهيو آهي. مون کي افسوس آهي ته خورشيد شاهه اپوزيشن ليڊر هجڻ باوجود ايتري ڳالهه کان به واقف ناهي. سندس اهو بيان پنهنجن ادارن جي توهين ۽ انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. ٻئي طرف طلال چوڌري چيو آهي ته شاهه محمود قريشي جون ڳالهيون اجايون آهن وزيراعظم پهريان به پارليامينٽ ۾ بيان ڏيندو رهيو آهي پر ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ ايوان ۾ نه ايندو شاهه محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس تي طلال چوڌري چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ کي هر ڳالهه ۾ پارليامينٽ ياد اچي رهي آهي جيڪڏهن پارليامينٽ ايتري سٺي آهي ته عمران خان کي ايوان ۾ وٺي اچي. هن چيو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ پارليامينٽ اچڻ تي شاهه محمود قريشي کي شرمسار ٿيڻو پيو جنهن سبب هو روز نوان مطالبا ڪندو رهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *