تازيون خبرون

وزيراعظم سان ليگي ايم اين ايز جي ملاقات، ترقياتي رٿائن سامهون ايندڙ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان مسلم ليگ(ن) سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪري پنهنجي تڪن جي مسئلن بابت ٻڌايو، وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ايم اين ايز ۾ جاويد لطيف، حافظ عبدالڪريم ۽ ڊاڪٽر شذره منصب علي خان شامل هئا، ذريعن مطابق ايم اين ايز وزيراعظم کي پنهنجي تڪن جي مسئلن بابت ٻڌائڻ سان گڏ بنيادي ڍانچي واريون رٿائون شروع ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سڀني تڪن جا اسيمبلي ميمبر عوام کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن، هن چيو ته ترقياتي رٿائن جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ کين بااختيار بڻائڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تڪن ۾ هندڙ ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون ڪيون وڃن ۽ انهن سامهون ايندڙ رنڊڪن کي بنا دير ختم ڪيو وڃي.001

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *