تازيون خبرون

وزيراعظم خلاف رٿ آڻڻ جي ڪوشش، ميمبر وڙهي پيا، هڪ ٻئي کي ٿڦا ٿفي، اسپيڪر بيوس بڻيل

اسلام آباد(م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا. ميمبرن جا هڪبئي کي ڌڪا. شهريار آفريدي ۽ شاهد خاقان عباسي جملن جي ڏينهن وٺ کانپوءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي جي خطاب دوران پي ٽي آءِ جي ئي ميمبرن هُل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت نعري بازي ڪئي ته اسپيڪر اياز صادق شاهه محمود قريشي کي مداخلت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته قريشي صاحب توهان انهن کي چپ ڪرايو. هن چيو ته استحقاق واري رٿ تي ٻيهر غور ڪيو ويو ته جيئن ماحول خراب نه ڪري، هي هُل ڪندا رهندا ته توهان وائينڊ اپ ڪري نه سگھندؤ، پليز توهان وائينڊ اپ ڪريو. ان دوران ٻانگ اچي رهي هئي، جنهن تي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي چيوته اذان جو ته احترام ڪريو! اسپيڪر جي چوڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجن ئي ميمبرن کي خاموش ٿيڻ لاءِ منٿون ڪيون.  هن چيو ته هٿ ٻڌي گذارش آهي خاموش ٿي وڃو. ان دوران پي ٽي آءِ جو شهريار آفريدي حڪومتي ميمبرن جي بينچن تي اچي ويو. ان دوران حڪومتي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ شهريار آفريدي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ٻنهي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. جيو نيوز  موجب ميمبرن هڪ ٻئي کي ٿڦڙون پڻ هنيون. ان موقعي تي ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. معاملو ڪنٽرول ۾ نه آيو ته اسپيڪر اجلاس پندرهن منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. گڏيل مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران وزيراعظم خلاف رٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته استحقاق واري رٿ ڏني آهي، صرف منهنجو نه پر ايوان جو استحقاق ڪِريو آهي. هن چيو ته ڪنهن بيورو ڪريٽ يا آفيسر نه پر وزير اعظم استحقاق مجروح ڪيو. هي پنهنجي قسم جو هڪ ڌار ڪيس آهي جنهن ۾ ايوان جو استحقاق خراب ٿيو آهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان جڳ ۾ بي عزتي ٿي آهي. اسپيڪر صاحب ڪوڙ ۽ ڀوڳ جو فرق ته ٻڌائي، وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ سان مذاق ڪيو. وزير اعظم پارليامينٽ جو احترام نه ڪندو ته ڪير ڪندو. خورشيد شاهه چيو ته الله رحم ڪري، هن پارليامينٽ سان ڇا ٿيندو؟. قومي اسيمبلي ۾ هڪڙي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ عدالت ۾ وري ٻي. هاڻي ته بي بي سي به ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پنهنجو نقطو ايوان ۾ پيش ڪيو. . ايوان ۾ موقف پيش ڪرڻ سندس حق هو، پوءِ عدالت ۾ بيان بدلجي ويو، ٻڌايو وڃي ته هُن ڪوڙ ڳالهايو يا قوم ۽ پارليامينٽ جي بي عزتي ڪئي؟ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف استحقاق واري رٿ تي ڳالهائيندي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ ڪلهه وفاقي وزير، وزير اعظم نواز شريف ۽ ان جي خاندان جو دفاع ڪري رهيا آهن، جيڪا بري ڳالهه آهي. هن چيو ته وزير آفيسن ۾ نٿا ويهن، هڪ ٽولو وڃي ئي نٿو ته ٻيو اچي ويهي ٿو. شام جو انهن جي حاضري لڳندي آهي، ٽڪ ٽڪ، پاس يا فيل. هن چيو ته عدالت ۾ وزيراعظم جي ليگل ٽيم سانڊي جيان رنگ بدلائيندي آهي. هن ليگل ٽيم کي ٽڪرا ڪري ٽي ٽيمون ٺاهيون ويون. هن چيو ته حڪومت ڪمزوريون اچڻ تي چتيون هڻڻ شورع ڪري ڇڏي ٿي. لڳي ٿو ٽيون وڪيل ڳالهائيندو ته قطري ٿِري به سامهون اچي ويندو. هن چيو ته مني ٽريل لاءِ قطري خط پيش ڪيو ويو. پارليامينٽ ۾ چيل هڪ هڪ لفظ مقدس هوندو آهي. پارليامينٽ ۾ چيل هڪ هڪ لفظ رڪارڊ ڪري محفوظ ڪيو ويندو آهي. وزير اعظم جو موقف هو ڪو معمولي جملو نه هو. وزير اعظم پنهنجي موقف تي ڇو قائم نه رهيو، اهو پڇڻ جو حق رکون ٿا. ڇا عوام جو مذاق اڏايو ويو ۽ ڪوڙ ڳالهايو ويو؟ شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته روز هڪ نئون پنو بدلجي ٿو ۽ عدالت کي به صبر جو چيو ويندو آهي. هي ايوان کي به ڊڪٽيٽ ڪن ٿا. جيڪو شاهه جي مرضي اهو قانون آهي، دل چاهي ته آنو ڏين، يا ٻچو ڏين. 37

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *