تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

واپڊاچيئرمين ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي خدشن کي بالڪل درست قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) واٽر اينڊ پاور ڊويلپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي چيئرمين ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي خدشن کي بالڪل درست قرار ڏئي ڇڏيو. سينيٽر شميم آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي  جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو. چيئرمين واپڊا مزمل حسين شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيستائين اتفاق راءِ نه ٿيندي ڪالا باغ ڊيم تي ڪم شروع نه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم تعمير ٿيو ته ان جو آپريشن سنڌ جي حوالي ڪئي وڃي، سنڌ جا خدشا درست آهن، سنڌ کي خدشو آهي ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب کي پاڻي ڏنو ويندو. واپڊ جي چيئرمين چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم تي ڪم جو آغاز ڪرڻ ۾ زمين جي مالڪن طرفان ڏکيائيون آهن، ڊيم جي زمين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ٻنهي ۾ ورهايل آهي، جڏهن به ڪم شروع ڪندا آهيون ته ٻنهي پاسن کان ماڻهو فائرنگ شروع ڪري ڏيندا آهن، هن وقت تائين اسان جا 12 ماڻهو مارجي چڪا آهن، حڪومتون به اسان سان سهڪار ناهن ڪري رهيون، هن وقت تائين ان منصوبي جي لاءِ 80 ارب رپيا ڏئي چڪا آهيون، 2006ع ۾ آبادي جي منتقلي جو منصوبو غلط بڻايو ويو، اسان آبادڪاري جي تجويز ڏني پر اسان جون تجويزون نه پيون مڃيون وڃن. واپڊا جي چيئرمين ملڪ ۾ ڪمند جو فصل پوکڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ڪمند ۽ ٻين وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ فصلن جي پوک گهٽ ڪرڻ گهرجي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آبپاشي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ 50 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي، پاڻي ماپڻ جي لاءِ لڳايل ٽيلي  ميٽري سسٽم به ٽوڙيو ويو آهي، پاڪستان وٽ 30 ڏينهن جو پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ڀارت 170 ڏينهن جي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. مزمل حسين وڌيڪ چيو ته ڀارت وٽ 943 ڊيم آهن، پاڪستان وٽ رڳو 155 ننڍا وڏا ڊيم آهن، پاڻي جي چوري سڀ کان وڏو مسئلو آهي، نو لک 60 هزار ٽيوب ويلز ملڪ ۾ هلي رهيون آهن جنهن جي ڪري زمين هيٺ پاڻي گهٽ ٿي ويو آهي، نيسپاڪ ۾ 192 سفارشي ڀرتي ڪيا ويا آهن، سياسي ڀرتين جي ڪري اِهو ادارو تباهه ٿي چڪو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *