تازيون خبرون

هڪ ڀيرو پنهنجي دوست ۽ ٻيو ڀيرو بار جي مالڪ لڄالٽ ڪئي: آمريڪي اداڪاره رچل ووڊ جو انڪشاف

نيويارڪ (شوبز نيوز) آمريڪي اداڪارا ۽ فنڪارا ايون رچل ووڊ انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي 2 ڀيرا لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، هڪ ڀيرو پنهنجي دوست ۽ ٻيو ڀيرو بار جي مالڪ کيس زنا جو شڪار بڻايو. اهو انڪشاف 29 ورهين جي اداڪارا ٽوئيٽر تي هڪ کليل خط ۾ ڪيو. پنهنجي جواني ۾ ئي آپگهات جي ڪوشش، جسماني، نفسياتي ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ بابت هڪ ميگزين کي ڏنل انٽرويوي کانپوءِ اداڪارا لکيو ته ڪيترائي سال اڳ مٿس حملو ٿيو، ڪيترن ئي عملن مان هڪ لڄالٽ به هو، جيڪو هن کي پنهنجي ئي زندگي جي انت جي ڪوشش تائين وٺي ويو. رچل ووڊ لکيو ته هوءَ ان ڳالهه تي يقين ناهي رکندي ته موجوده دور ۾ انسان گهڻي دير تائين خاموش رهي سگهي ٿو، ڄاڻايل عمل تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ هوءَ ان کي معمول وانگر قبول نٿي ڪري سگهي، اهو هڪ سنجيده مسئلو آهي، هوءَ اڃا زندهه آهي ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهندي، هوءَ خوش ۽ اندر ۾ مضبوط آهي، پر اڃا تائين مطمئن ناهي. هن لکيو ته ”ها سندس لڄالٽ ڪئي وئي، هڪ دوست طرفان جڏهن هو ٻئي گڏ هئا ۽ ٻيو ڀيرو بار جي هڪ مالڪ طرفان.“ اداڪارا اڃا اهو واضح نه ڪيو ته انهن حملن بابت پوليس کي آگاهي ڏني يا نه ۽ ڇا قانون ايڪشن ورتو. اداڪارا لکيو ته پهريون ڀيرو ان عمل کان اڻڄاڻ هئي ته دوست طرفان ڪيل اهڙي حرڪت جو شمار لڄالٽ ۾ ٿئي ٿيو، پر ڄاڻ ملڻ تائين دير ٿي چڪي هئي، مٿس اعتمار به ڪير ڪري ها. ٻيو ڀيرو هن سمجهيو ته سندس غلطي آهي ته هن گهڻو جهيڙو ڪيو ۽ ڊنل آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *