تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

هڪ سينيئر جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(اي پي پي) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارتي جي ڊآئريڪٽر جنرل آغا مقصود عباس کي سندس عهدي تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ  خميس تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي هٽائڻ بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ڪارروائي دوران درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ افتخار قائم خاني عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏنو ته  سنڌ حڪومت طرفان آغا مقصود عباس کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي  ڊائريڪٽر جنرل جي اضافي چارج ڏني وئي هئي  جنهن جو هو مستحق ناهي.  هن چيو ته  حڪومت آغا مقصود عباس کي  21 هين گريڊ جي هڪ آفيسر کي نظر انداز ڪري 20 هين گريڊ جي آفيسر کي اهو عهدو ڏنو هو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ سينيئر جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي. عدالت آغا مقصود عباس کي سندس اصل عهدي تي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مقصود عباس ترقي جو حقدار آهي ته هن کي ميرٽ تي ترقي ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *