تازيون خبرون

هندو ۽ عيسائي جيڪڏهن شراب خانا بند ڪرائڻ چاهن ٿا ته مسلمانن کي اعتراض ڇو؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شراب خانن تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هندو ۽ عيسائي شراب خانا بند ڪرائڻ چاهين ٿا ته پوءِ مسلمان ڇو مخالفت ڪري رهيا آهن. ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بينچ شراب خانن تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن ڌر پاران وڪيل عاصمه جهانگير ۽ ياسين آزاد عدالت ۾ پيش ٿيا، پر درخواست گذار رميش ڪمار پيش نه ٿيو. عاصمه جهانگير عدالت کي گذارش ڪئي ته درخواستگذار پيش ئي نه ٿيو آهي،.چيف جسٽس چيو ته ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. عاصمه جهانگير چيو ته درخواستگذار رميش ڪمار هڪ سياستدان آهي، تنهنڪري هو هندو برادري جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي. عدالت درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ۱۱ جنوري تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *