تازيون خبرون

هر ڇوڪري ملڪ جو اثاثو آهي، انصاف جو بهترين نظام چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (م.ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ چيو آهي ته نئين نسل کي ملڪي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو. انصاف جو بهترين نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو اسان لاءِ چيلنج آهي. هن سال ڪيتريون ئي عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون. ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ نفيسه شاهه جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀُٽي جو چوڻ هو ته پاڪستان انساني حقن بابت مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هر ڇوڪري ملڪ جو اثاثو آهي، مختلف علائقن ۾ عورتن کي قتل ڪيو پيو وڃي، عورتن تي سماجي ۽ اخلاقي طور تشدد ڪيو پيو وڃي، لاهور ۾ ڇوڪريءَ کي جيئرو ساڙي ماريو ويو، اسان قانون ته بدلائيندا رهندا آهيون پر ان تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، عورتن جي قتل ۽ انهن تي تشدد جو ڪو جواز پيش نه ٿو ڪري سگھجي، غيرت جي نالي تي قتل جو جواز پيش ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان محترمه بينظير ڀٽو سان انصاف نه ڪري سگھياسين، عورتن تي تشدد خلاف قانون سخت هجڻ گھرجي، سزا کي يقيني بڻايو ويندو، قانونن تي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ عمل جي ضرورت آهي.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *