تازيون خبرون

نيوزيلينڊ ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان هارائي ٽِن ميچن جي سيريز 2-0 سان پنهنجي نالي ورتي

بينگلور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان هارائي ٽِن ميچن جي سيريز 2-0 سان پنهنجي نالي ورتي. بينگلور ۾ کيڏيل سيريز جي ٻئي ٽي ٽوئنٽيءَ جو ٽاس ڪيوي ڪپتان سوزي بيٽس کٽيو ۽ ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارتي عورت ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي136 رنسون ٺاهيون. ويلا سوامي ونيٿا 41، هرمن پريت ڪور 30 ۽ ويداڪرشنا مورتي 29 رنسن سان نمايان رهيون. ڪيويز طرفان صوفي ڊيوائن 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي عورت ٽيم گھربل ٽارگيٽ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 17.5 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. رچل پرائسٽ 60 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهي. ڀارتي بالر جھولن گوسوامي ٻِن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽِن ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ اربع تي بينگلور ۾ کيڏيو ويندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *