تازيون خبرون

نوجوانن جي محنت سان فلم انڊسٽري جلد ڪاميابيون ماڻيندي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا عروا حسين چيو آهي ته فلم انڊسٽري جلد ڪاميابيون ماڻيندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ عروا حسين جو چوڻ هو ته نئين ٽئلينٽ جي محنت کي نظر ۾ رکندي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته ملڪي فلم انڊسٽري تمام جلد دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين جو حصو بڻجي ويندي. هن چيو ته ماڊلنگ ۽ ٽي وي ڊرامن کانپوءِ جڏهن مون کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان ان کي قبول ڪري ورتو ۽ پوءِ سٺي موٽ پڻ ملي، ان دوران مون کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *