تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

نواز شريف ٻڌي ڇڏي اسان پاناما کي وسارڻ نه ڏينداسين، ڪرپشن بابت صدر جو بيان نواز شريف ڏانهن اشارو آهي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پانامه ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيڻ تي مايوسي ٿي پر وزيراعظم نوازشريف ۽ بچاءُ وارو وزير خواجه آصف ٻڌي ڇڏي ته اسان قوم کي پانامه ڪيس وسارڻ نه ڏينداسين ڪيس جي لاءِ ڪميشن جي ضرورت ئي نه آهي ڪجهه به ٿي وڃي پانامه ليڪس ڪيس کي انجام تائين پهچائينداسين جمعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته پانامه ڪيس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ٿئي پر اڄ ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي. پر اسان عدالتي فيصلن جو احترام ڪيون ٿا عمران خان چيو ته ڪيس ۾ ڪميشن بنائڻ جي ضرورت نه آهي هاڻي وقت گذري ويو ۽ اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي. اميد آهي ته جنوري جي پهرين هفتي ساڳي بئنچ ان ڪيس کي ٻڌندي ايندڙ ڪيس جي ٻڌڻي نئين چيف جسٽس ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ ٿيندي. هاڻي ان تي وڏي ذميواري لاڳو ٿيندي قوم ڪنهن به ڪيس ۾ ايتري دلچسپي نه ورتي جيتري پانامه ڪيس ۾ وٺي رهي آهي اسان جي ڪوشش آهي ته پانامه ڪيس جو جيترو جلد ٿي سگهي فيصلو ٿي وڃي ڇو ته ان ڪيس جي فيصلي سان خبر پئجي ويندي ته ملڪ ۾ طاقت جي لاءِ به قانون موجود آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته خواجه آصف پارليامينٽ چيو هو ته ڳڻتي نه ڪيو قوم جلد ئي وساري ڇڏيندي پر مان وزيراعظم نوازشريف ۽ خواجه آصف کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته قوم کي ڪنهن به صورت ۾ ڪيس جي حوالي سان وسارڻ نه ڏينداسين ۽ نوازشريف کان جواب طلب ڪنداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *