تازيون خبرون

نواز شريف تي ٻيهر فردم جرم لاڳو، ججز جو بغض ۽ ڪاوڙ فيصلي ۾ سامهون اچي وئي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته انهن کي خبر هئي ته فيصلو انهن جي خلاف ايندو، ڇو ته ججز جو بغض ۽ ڪاوڙ فيصلي ۾ سامهون اچي چڪو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي نيب جي ٽن ريفرنسز ۾ اڄ ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته هن صحت جرم کان انڪار ڪيو، لنڊن فليٽس، العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ باضابطه طور فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد عدالت کان واپسي تي نواز شريف ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس چوڻ هيو ته مون کي خبر هئي ته فيصلو منهنجي خلاف ايندو، ڇو ته هي جج صاحب بغض سان ڀريا ويٺا آهن ۽ انهن جي ڪاوڙ فيصلي جي لفظن جي صورت ۾ سامهون اچي وئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هيو ته جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا، اهي تاريخ جو ڪارو باب بڻجندا، ان کان اڳ فرد جرم جي ڪارروائي دوران نواز شريف جو عدالت ۾ چوڻ هيو ته ان کي فيئر ٽرائل جو حق نه ڏئي ان جي بنيادي حقن کان انڪار ڪيو ويو، اڳوڻي وزيراعظم نيب جي ٽنهي ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو ۽ نواز شريف تي ضابطو فرد جرم جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، خيال رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اڄ پنجون دفعو احتساب عدالت جي سامهون پيش ٿيو، ان کان اڳ اهو 26 سيپٽمبر، 2 آڪٽوبر، 3 نومبر ۽ 7 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو هيو، سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس بابت 28 جولاءِ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب شريف خاندان خلاف 3 ريفرنسز احتساب عدالت ۾ داخل ڪيا هئا، جيڪي ايون فيلڊ پراپرٽيز، العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ بابت هيا، نيب طرفان ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي پٽن حسن ۽ حسين نواز، ڌيءَ مريم نواز ۽ نياڻي ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر کي جوابدار قرار ڏنو ويو، ٻئي طرف العزيزيه اسٽيل ملز جده ۽ 15 آفشور ڪمپنين بابت فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ نواز شريف ۽ ان جي ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *