تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

نواز شريف ادارن وچ ۾ ٽڪراءَ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ائين ٿيندو ڪو نه: قمر زمان ڪائرا

فيصل آباد (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نواز شريف ادارن وچ ۾ ٽڪراءَ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ائين نه ٿيندو، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ مقرر وقت تي چونڊن جي خواهشمند آهي، اسان اليڪشن ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين، پوءِ ڇو نه پراڻي آدمشماري تي ٿين، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪڏهن به ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين، پ  پ هميشه اسٽبلشمينٽ ۽ ايجنسين جي سياست جي خلاف رهي آهي، ڪڏهن ان کي سپورٽ نه ڪيو، قمر زمان ڪائرا چيو ته عدالت کي سکا شاهي چوڻ ان کان وڏي عدليا جي توهين نه آهي، نواز شريف عدالت جي خلاف تحريڪ هلائي رهيو آهي، ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ڪري، پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ جمهوري ۽ سياسي نظام نواز شريف جي فائدي ۾ نه آهي، جمهوريت جو ڊي ريل ٿيڻ کيس فائدو ڏئي ٿو، هو هميشه جمهوريت ڊي ريل ڪرڻ ۾ اڳ اڳ رهيو، هن چيو ته نواز شريف ادارن وچ ۾ ٽڪراءَ جي ڪوشش ڪئي، هو عدليا ۽ فوج تي گند اڇلائي رهيو آهي، نواز شريف جيڪا ڪوشش ڪري رهيو آهي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 7 حڪومتون آهن جن مان 5 نواز شريف جون آهن، جڏهن ته ان جون حڪومتون هوندي به سندس چوري پڪڙي وئي هاڻ ان جو حساب ٿي رهيو آهي، نواز شريف جو سياسي ڪيريئر ختم ٿي ويو، کيس هاڻ پيسا به ڏيڻا پوندا ۽ جيل به وڃڻو پوندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماڊل سانحي تي باقر نجفي رپورٽ اچڻ کانپوءِ حساب ٿيڻ گهرجي، اسان بي گناهه ماڻهن جي رت جو حساب چاهيون ٿا، طاهر قادري کي خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن هو قانون دائري ۾ پرامن احتجاج ڪندو ته اسان ان سان گڏ هونداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *