تازيون خبرون

نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جي مقرري خلاف درخواست تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين جي مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس مامون الرشيد شيخ ۽ جسٽس ناصر اقبال تي ٻڌل ٻه رڪندي بئنچ ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نجم سيٺي کي پي سي بي جي آئين خلاف چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي پيٽرن نواز شريف ۲۸ جولاءِ تي وزارت عظميٰ کان نااهل ٿي ويو ۽ نااهلي کانپوءِ نواز شريف جا مستقبل لاءِ جاري حڪم بي اثر ٿي ويا. درخواستگذار چيو ته نجم سيٺي ۽عارف اعجاز لاءِ ٦ آگسٽ تي بورڊ آف گورنرز طور نوٽيفڪيشن بي اثر ٿي ويو. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ٦ آگسٽ جي نوٽيفڪيشن جي بنياد تي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي مقرري ڪالعدم قرار ڏني وڃي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *