تازيون خبرون
چورن ۽ لُٽيرن کي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو: فردوس عاشق اعواڻ - پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿيۡ: جنرل باجوه - عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي: نواز شريف - افسوس سان چوان ٿو ته ڪراچي بدترين شهر بڻجي ويو آهي: جسٽس گلزار احمد - اڃا وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون، زرداري کي ڪرپشن بجائڻ لاءِ پارليامينٽ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين: عمران خان - ن ليگ جو وزيراعظم ۽ وزيرن کان اثاثا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو، جتي انصاف نه هجي جمهوريت ناهي هلندي: شاهد خاقان عباسي - افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو مفاهمتي ڪردار ادا ڪندو رهندو: شاهه محمود قريشي - مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي داخل وڌيڪ 7 ٻارڙا  فوت - لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 پوليس اهلڪار قتل، آئي جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب - رتوديرو ايڊستان بڻجي ويو، هزارين ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا، وڌيڪ 13 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق، انگ 826 ٿي ويو

ميجر جنرل محمد سعيد ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو، بلال اڪبر ۽ وڏي وزير سان ملاقاتون، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميجر جنرل محمد سعيد ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. ميجر جنرل محمد سعيد سنڌ رينجرز جو 13 هون ڊي جي آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر چارج ميجر جنرل محمد سعيد جي حوالي ڪيو. چارج ڏيڻ واري تقريب رينجرز هيڊ ڪوارٽر سنڌ ۾ رٿي وئي هئي، ٻئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سبڪدوش ٿيندڙ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر نئين ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد سان گڏجي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميجر جنرل بلال اڪبر جون بحيثيت ڊي جي رينجرز سنڌ جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ سندس بطور ليفٽننٽ جنرل جي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي کين نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير نئين ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد کي ڀليڪار ڪندي سندس نئين ذميوارين جي حوالي سان پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *