تازيون خبرون

مهمند ايجنسيءَ ۾ آپگھاتي حملو، 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد، 8 زخمي

راولپنڊي/ مهمند ايجنسي (ويب ڊيسڪ) غلنئي هيڊ ڪوارٽر ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليوز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، مهمد ايجنسيءَ جي هيڊ ڪوارٽر غلنئي ۾ آپگھاتي حملي آور گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هڪ آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سڪيورٽي اهلڪارن ٻئي دهشتگرد کي گيٽ تي فائرنگ ڪري ماري وڌو، ڳجھا اطلاع هئا ته افغانستان/ مان آپگھاتي بمبار مهمند ايجنسيءَ ۾ داخل ٿيا آهن، پوليٽيڪل انتظاميا جو چوڻ آهي ته 2 دهشتگرد موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ ٻنهي مين گيٽ مان اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج مهمند ايجنسيءَ ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب حملو ڪندڙن پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس کي نشانو بڻايو، آپگھاتي حملو ڪندڙ بمبار افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي آور کي سڪيورٽي اهلڪارن مين گيٽ روڪي ورتو جنهن پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي حملي آور کي گيٽ تي ئي گولي هڻي ماريو ويو آهي.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *