تازيون خبرون

مملڪت اي مملڪت افراتفري ۽ انارڪي- ڪير روڪيندو؟: محمود شام

هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿي وڃي يا وڌي وڃي ته طوفان جنم وٺندو آهي.

اسان مان ڪير ڪير طوفان جي مقابلي لاءِ، طوفان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهيءَ کي روڪڻ جي تربيت رکي ٿو. اسان جي بندوبست جو ته اهو حال آهي ته هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي تباهڪاريءَ کي محدود نٿا ڪري سگهون. ذميدار بحران جي وقت پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي هليا وڃن ٿا. اڃا وڌيڪ ذميداري هُجي ته مُلڪ ڇڏي وڃن ٿا. ٽريفڪ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃي ته ٽريفڪ سارجنٽ صورتحال سنڀالڻ جي لاءِ متحرڪ ٿيڻ بجاءِ پري پاسي ٿي وڃي بيهندو آهي.

پاڪستان ۾ بحرانن جو مشاهدو ڪرڻ وارا، ڪراچي جي تيزيءَ سان تقسيم در تقسيم ٿيندڙ سياسي صورتحال کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ وارا، سنڌ جي ٻين علائقن جي مسئلن ۾ اڪثريت کي تڙپندو ڏسڻ وارا، پنجاب ۾ هڪ پارٽي ۽ هڪ خاندان جي بادشاهت جو نظارو ڪرڻ وارا، ڪي پي ڪي ۾ حڪمرانيءَ جي خلا محسوس ڪرڻ وارا، بلوچستان ۾ سياسي ناتجربيڪاري، غير سياسي قوتن جي بالادستي، ڀارت ۽ افغانستان جي سازشن جي دائري کي وڌندو ڏسڻ وارا، گلگت ۽ بلتستان ۾ انتظامي نااهلي کان مجروح ٿيڻ وارا، آزاد ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻين وارداتن ۽ اُن جي سامهون آزاد ڪشمير حڪومت جي بيحسي جو تجربو ڪرڻ وارا، جيڪو ڪجهه سوچي رهيا آهن، اُن جو اظهار ميڊيا تي نٿو ٿي سگهي، پر اهو اُنهن مجبور، مظلوم ۽ محڪومن جي اکين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٽي وي چينلن جون ڪيمرائون ته ڪنهن ٻئي سلسلي ۾، منهنجي هم وطنن کي مُلڪ جي مختلف حصن مان ڏيکاري رهيون هونديون آهن. اُنهن جي چهرن تي اُداسي وکريل هوندي آهي. اکيون ڏرا ڏئي ويل، پيشانين تي گهنج نظر ايندا آهن. مون جهڙا درد رکڻ وارا به يقينن اُهي تاثرات ڏسندا هوندا. ڪڏهن توهان اڪثريت جا ڏُک ٻُڌڻ ويهو ته جتي هڪ گهري ڪرڀ کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي، اُتي پنهنجي اُنهن هم وطنن جي همت تي رشڪ به ٿيندو آهي ته ڪيڏين مشڪل حالتن ۾ هي زندگيءَ جو گاڏو گهلي رهيا آهن. پري پري تائين اُميد جو ڪو ڪرڻو نظر ناهي ايندو.

شهر هُجن يا واهڻ وسنديون، زندگي جي آسانيءَ جي لاءِ سڀ کان پهريان ته سُٺي ٽرانسپورٽ لازمي آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، سيالڪوٽ، سکر، گوجرانواله، پشاور، ڪوئٽه ڪٿي به ڏسي وٺو، اڪثريت جي لاءِ سفر ڪيڏو مشڪل آهي. ڪنهن به شهر ۾ 70 سالن دوران اسان زير زمين ريلوي ناهيون ڏئي سگهيا، جيڪا پوري دنيا ۾ عام آهي. اسان جي پاڙيسري ڀارت ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ اها سهولت دستياب آهي. دلي جي زير زمين ٽرين ۾ ته مون به سفر ڪيو آهي. لنڊن، پيرس، نيويارڪ، استنبول، ٽورنٽو، سڀني هنڌن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي، غريبن جي اڪثريت سڄي مُلڪ ۾ گهر کان آفيس يا ڪارخاني وڃڻ ۾ خوار ٿيندي آهي. پبلڪ بسون گهٽ ٿي رهيون آهن، جن ۾ هزارين مسافر ويهي سگهندا آهن. پرائيويٽ ڪارون هر سال لکن جي تعداد ۾ وڌي رهيون آهن، جن ۾ سراسري هڪ ئي ماڻهو ويهندو آهي. هاڻي رستن تان گهڻي ڀاڱي  اُنهن جو ئي گذر رهندو آهي. ڇا ڪنهن غور ڪيو آهي ته اُهي سڀ ماڻهو جيڪي مُلڪ هلائڻ جي لاءِ ضروري آهن، مزدور، پلمبر، ٽيچر، اليڪٽريشن، ڪلرڪ، اُهي روزانو ڪهڙين مشڪلن مان گذرندا آهن. اُنهن جي ذهنن ۾ ڪهڙو لاوو پچي رهيو آهي. هو انٽرنيٽ تي ڏسن ٿا ته اُنهن جا ٻاهرين مُلڪ ۾ رشتيدار، پُٽ، نُهرون، پبلڪ بسن، اليڪٽرڪ بسن، زيرِ زمين ريلوي جا قصا ٻُڌائيندا آهن ته زندگي ڪيتري آسان ٿي وئي آهي. هو ڪيترو جلدي ۽ آرام سان پنهنجي آفيس يا ڪارخاني پهچندا آهن. اها اڪثريت جتي پنهنجي بيوسي تي ماتم ڪندي آهي، اُتي اُها پنهنجي بااثر ۽ وسيلن تي قابض ڪجهه خاندانن جي لاءِ بددُعائون به ڪندا آهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندا به آهن ته اُنهن کان نجات ڪيئن ملندي. اها ناانصافي ڪيئن ختم ٿيندي؟

ميڊيا جڏهن اهو ٻڌائيندي آهي ته هيترا لک درهم پيءَ پنهنجي پُٽ کي ڏنا، هڪ مل جدي ۾ لڳائي، هڪ مل دُبئي ۾، لنڊن ۾ فليٽ ورتا ته اڪثريت جي پُٽن تي ڇا گُذرندي هوندي؟ والدين ڪيتري مايوسيءَ ۾ ٻُڏندا هوندا. اُهي رات ڏينهن آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ ڪيتريون ئي نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ به ٻن وقتن جي ماني سُٺي ڍنگ سان نٿا کائي سگهن. ٻارن کي تعليم نٿا ڏياري سگهن، ڪير بيمار ٿي وڃي ته علاج نٿا ڪرائي سگهن.

ڇا ڪو سوچيندو آهي ته حڪمرانيءَ جو مطلب ته اهو هوندو آهي ته محڪومن جا ڏينهن بدلجن، اُنهن کي سهولتون ڏنيون وڃن، اُنهن کي مفت تعليم ملي، مفت علاج ٿئي، اهي آسانيون جيڪڏهن اُنهن کي ملي رهيون هُجن ته اُهي شايد ٻاهرين مُلڪ ويندڙ ڪروڙين ڊالرن تي غمزده نه ٿين. پر جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه ملن، هڪ هڪ بستري تي ڪيترائي مريض پيا هُجن، اهڙي وقت ۾ ڪو وزيراعظم ۽ صوبائي وزيراعليٰ، وزير، چيف سيڪريٽري، معمولي بيماريءَ جي لاءِ سرڪاري خرچ تي امريڪا، برطانيا وڃي ته علاج لاءِ ترسندڙ بيمارن جي دلين مان ڪهڙا لفظ نڪرندا هوندا!

’ولايت پلٽ‘ صاحبزادي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو 2018 ۾ وزيراعظم ٿيندو، هُن جو والد صدرِ مملڪت، چئني صوبن ۾ هُن جا وڏا وزير. اهڙا خواب ته ڏسي سگهجن ٿا، پر برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته هو ايڪيهين صديءَ جون سهولتون اڪثريت جي لاءِ فراهم ڪرڻ جو فارمولو ٻُڌائيندو، هو اهو عزم ظاهر ڪري ته 2018ع ۾ هر پاڪستاني جي في ڪس آمدني هيتري ٿي ويندي، تيل ۽ گيس ۾ اسان خودڪفيل ٿي وينداسين. ريڪوڊڪ کان سون ۽ ٽامو ڪڍي سڄو قرض لاٿو ويندو. ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ٻيهر شروع ڪئي ويندي. لاهور ۾ زير زمين ريلوي شروع ڪنداسين. بلوچستان ۾ هاڻي ڪو عبدالرحمان لاپتا نه ٿيندو. پشتونن جي زندگي آسان بڻائينداسين. افغانستان ۽ ڀارت جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. پوليس جي پگهار ۽ تربيت ۾ اضافو ڪري انهن کي فرض شناس بڻائينداسين. ميٽرڪ تائين تعليم لازمي ۽ مفت هوندي. سڄي مُلڪ ۾ هڪ ئي تعليمي نظام هوندو. ميٽرڪ کان پوءِ ووڪيشنل ٽريننگ جو انتظام ڪنداسين. اسان جا خاندان جيترا ڊالر ٻاهر کڻي ويا آهن، اُهي واپس آڻينداسين. لنڊن، آمريڪا، دبئي ۾ پنهنجون سڀ جائيدادون وڪڻي پيسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائينداسين. ميان محمد نواز شريف ۽ اُن جي خاندان، جيترا ڊالر ٻاهر موڪليا آهن، اُهي واپس آڻينداسين.

ائين لڳي ٿو ته پاڪستان صرف زرداري- نواز شريف- عمران خان جي لاءِ ٺهيو آهي، باقي 20 ڪروڙ صرف اُنهن جا غلام آهن. اُهي پاڻ ۾ بندر بانٽ ڪندا رهندا. نه، ائين نه ٿيندو. ماڻهن جي ذهنن ۾ هوا جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، عدالتن ۾ به تيز طوفانن جا امڪان آهن. سوچڻ اِهو گهرجي ته انهن رجحانن سان جيڪا افراتفري ۽ انارڪي پيدا ٿيندي، اُن کي ڪير سنڀاليندو. قومي سياسي پارٽيون ڇا اُن طوفان جي مقابلي جي لاءِ تياري ڪري رهيون آهن.

اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ايس ايم ايس ڪجو، 7806800-0331

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *