تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

ملڪ کي درپيش خطرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ملڪ کي پيش خطرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ قوم کي ان ئي جذبي ۽ ايڪي جي ضرورت آهي، جنهن جو مظاهرو 1965ع واري جنگ دوران ڪيو ويو هو. يوم دفاع جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته مضبوط ۽ ناقابل تسخير دفاع فقط قومي ايڪي سان ئي ممڪن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ايٽمي پروگرام جو تحفو ڏنو ۽ وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ميزائيل ٽيڪنالاجي جو پروگرام ڏنو. پي پي پي چيئرمين چيو ته اُهي سمورا سپاهي، جن پاڪستان جي دفاع خاطر پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، اهي تاريخ ۾ سدائين ياد رهندڙ هيرا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ارادو ڪيو ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي فلسفي جي روشني ۾ پاڪستان جي نظرئي جي پوئيواري ناقابل تسخير دفاع جي صورت ۾ ڪندو.  هن وڌيڪ چيو ته يوم دفاع جي موقعي تي اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ سندن ڪٽنبن کي خاطري ڏيون ٿا ته اسان جي حمايت ۽ همدردي ساڻن گڏ آهي.