تازيون خبرون

ملڪي دفاع ۾ آئي ايس آئي جو ڪردار فخر جوڳو آهي: جنرل قمر جاويد باجوه

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سيڪيورٽي ۽ ملڪ جي بچاءُ جي استحڪام لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪردار ۽ ان جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ساراهيو آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا جمعي تي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو آرمي چيف کي ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال ۽ آءِ ايس آءِ جي قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي. آرمي چيف انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڪارڪردگي تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سيڪيورٽي ۽ ملڪي بچاءُ جي استحڪام لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪردار ۽ ان جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ساراهيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *