تازيون خبرون

مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري دل جو دؤرو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي(اي پي پي) مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري جمعي جي صبح جو دل جو دؤرو پورڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق 19 آڪٽوبر 1950ع ۾ ڀارتي شهر امبالا ۾ پيدا ٿيندڙ بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار قوم پوري 66 سالن جي عمر ۾ هن دنيا مان رخصت ٿي ويو. هن بالي ووڊ جي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، هن 1972ع ۾ مراٺي فلم مان فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته 1977ع ۾ رليز ٿيندڙ گلم گاندي مان تمام گهڻي شهرت ماڻي، ان جي مشهور فلمن ۾ ناسور، گهايل ۽ ڊرٽي پاليٽڪس شامل آهن ۽ ان جي ايندڙ فلمن ۾ ٽائيگر ۽ ايڪشن ان لا شامل آهن. واضع رهي ته مشهور اداڪار گذريل سال جي آخر ۾ ڀارت جي سرحد سان سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪورن دعوائن کانپوءِ پاڪستان جي حق ۾ بيان ڏنو هو، جنهن تي ڀارتي ميڊيا ۽ عوام پاران شديد تنقيد ڪئي وئي. اوم پوري پونئيرن ۾ هڪ پٽ ڇڏيو آهي. اوم پوري هالي ووڊ سان گڏ پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان آيو هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ڀارت ۾ موجود پاڪستاني فنڪارن کي مشڪلاتن ۾ پاڪستاني فنڪارن جي حق ۾ بيان به ڏنا هئا. هن فني ڪيريئر ۾ شاندار اداڪاري سبب پدماشري نيشنل فلم ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *