تازيون خبرون

مراد علي شاهه ڪراچي راڻي باغ جي بهتري لاءِ سنگاپور جي ماهرن کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪراچي جي چڙيا گهر جي منصوبي بابت هڪ اهم اجلاس گهرايو ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان کي ٻيهر ڊزائين ۽ تعمير ڪري سنگاپور جي چڙيا گهر جهڙو بڻايو ويندو، جيڪو تقريبن ايتري ئي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. سنڌ جي وڏي وزير گذريل ڏينهن صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، آرڪيٽيڪٽ ثمر علي خان (ايم پي اي)، ڊزائن ڊائريڪٽر زين مصطفيٰ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ۽ ڪي ايم سي آفيسرن سان گڏ دورو ڪري چڙيا گهر جي صورتحال ۽ اسٽريڪچر جو جائزو ورتو ويو هو ۽ ان کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ ۽ ٻيهر ڊزائين ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن چڙيا گهر جي دوري جي موقعي تي اهو فيصلو ڪيو هو ته هُو اڄ صبح چڙيا گهر جي ٻيهر ڊزائين ۽ پلاننگ ۾ شامل ٽيم جي ميمبرن سان هڪ اجلاس منعقد ڪندو ته جيئن گڏيل صلاح سان حتمي فيصلو ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڊزائن ڊائريڪٽر زين مصطفيٰ، ايم پي اي ثمر علي خان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جانورن کي کليل پنجرن ۽ وڏن انڪلوز ۾ رکيو وڃي، ان تي وڏي وزير سيد چيو ته ان انڪلوز ۾ جانورن جي قدرتي ماحول کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهو چوڻ چاهي ٿو ته هتي جانورن جي لاءِ هڪ سٺو ۽ بهتر ماحول مهيا ڪيو وڃي. آرڪيٽڪٽ وڏي وزير کي ٻڌايو ته انڪلوز جو ڊزائين 10 بين الاقوامي چڙيا گهرن جهڙوڪ سان ڊياگو، سنگاپور، برونيڪس زو، برلن زو ۽ ٻين جا ڊزائينن جي ريسرچ بعد ترتيب ڏنو ويو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انڪلوز لاءِ جنهن مٽيريل جي چونڊ ڪئي وئي آهي اهو پائيدار ۽ جانورن لاءِ دوستاڻي ۽ گهٽ سنڀال وارو آهي، گرائونڊ جي مٽي به جانورن جي فزيڪل گهرجن تحت تبديل ڪئي ويندي. ان سان گڏ انڪلوز ۾ واڌ ويجهه جي موبلائيزيشن سسٽم به هوندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته حرڪت ڪندڙ جانورن جو فرنيچر، غارن ۾ لڪڻ، سطح کي بلند ڪرڻ، مٿي چڙهڻ لاءِ اسٽيڪچر وغيره انڪلوز جو ڄار ايترو مٿي هوندو جو وڌ کان وڌ سج جي روشني اچي سگهندي. جانورن لاءِ لڪيل جاءِ هوندي جتي جانورن کي آرام ۽ پرائيويسي ميسر هوندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽيم کي هدايت ڪئي ته هُو سمورا انڪلوز ۽ چڙيا گهر جي چوطرف ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا وڃن ته جيئن مانيٽرنگ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير کي کي ٻڌايو ويو ته چڙيا گهر جي علائقي جو ٽوپوگرافيڪل سروي ۽ انوائرمنٽ اسسمنٽ اسٽڊي ڪئي ويندي جنهن لاءِ وڏي وزير ڪراچي پئڪيج جي ڊائراڪٽر کي هدايت ڪئي ته هُو ٽيم کي سمورن سهولتون فراهم ڪري ته جئين ٽوپوگرافيڪل سروي ۽ انوائرمينٽل اسٽڊي جلد کان جلد ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي هڪ وڏو ۽ ڳتڙيل آباديءَ وارو شهر آهي ۽ هتي وڌ کان وڌ تفريحي سهولتون هئڻ گهرجن. هن ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي هدايت ڪئي ته هُو سفاري پارڪ لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن اوهان اهو ڪم ڪري سگهو ته.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *