تازيون خبرون
عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، تيل ٺڪاڻن تي حملي جي مذمت، ڪشمير صورتحال تي ڳالهيون - پنڊي جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، حڪران ڀلي شوق پورا ڪن: آصف علي زرداري - ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو: فردوس عاشق - بلديا فيڪٽري سانحو: مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن. - تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جي ميدان ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي: صدر عارف علوي - مدرسا اسڪول سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين: چيف جسٽس - ڪتي جي ڏاڙهڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار، فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي: بلاول ڀٽو زرداري - سي پي اين اي پاران سڀني ڌرين سان گڏجي ميڊيا ٽربيونلن خلاف جدوجهد جو اعلان - حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: خواجه آصف - ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

محسن عباس جي زال کي مڙس جون غلطيون نظر انداز ڪرڻ گهرجن ها: اداڪاره ميرا

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره ميرا چيو آهي ته محسن عباس حيدر کان جيڪا غلطي ٿي ان کي سندس زال کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي ها.فلم نامعلوم افراد کان شهرت ماڻيندڙ اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس حيدر تي ان جي گهر واري فاطمه سهيل 2 مهينا اڳ الزام هنيو هو ته محسن کيس ڪيترن ئي سالن کان تشدد جو نشانو بنائيندو آيو آهي. ايستائين جو محسن کيس ان وقت بدترين جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بنايو جڏهن هو ڳورهاري هئي.ان کان علاوه فاطمه پنهنجي مڙس کي بيوفا قرار ڏيندي ان جا ۽ ماڊل نازش جهانگير جي وچ ۾ ناجائز لاڳاپن جو به الزام هنيو. فاطمه سهيل محسن عباس جي خلاف تشدد ۽ ڌمڪين جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي جڏهن ته شوبز فنڪارن سميت سوشل ميڊيا تي به محسن عباس کي زال مٿان تشدد ڪرڻ سبب سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.ميرا محسن عباس کي باصلاحيت اداڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته انسان کان غلطيون ٿينديون آهن پر ان غلطين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي.ياد رهي ته اداڪاره ميرا تازو ئي عفت عمر جي شو ۾ شرڪت ڪئي هئي جتي  ميزبان طرفان پڇيل سوالن جي جواب ۾ اداڪاره ميرا محسن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو شيئر ڪندي چيو ته محسن مون سان گڏ سيٽ تي تمام سٺو لڳي رهيو هو ۽ ان جو رويو به دوستابو هو. جنهن تي ميزبان چيو ته جيڪڏهن غلطيون ٿين ته اوهان کي مڃڻ گهرجن معافي گهرڻ گهرجي.ميزبان جي ان ڳالهه تي اداڪاره ميرا چيو ته محسن عباس سٺو ڇوڪرو آهي سندس گهر واري کي ٿورو صبر ڪرڻ گهرجي ها ۽ معاملي کي ايترو اڳتي نه وڌائڻ گهرجي ها.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *