تازيون خبرون

مان ان معاملي ۾ تمام خوش قسمت آهيان ته سيف تمام گھڻو ترقي يافته شخص آهي:ڪرينه ڪپور خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور اڄ ڪلهه پنهنجي ۽ سلمان خان جي نئين ايندڙ فلم ”بجرنگي ڀائيجان“ جي پروموشنن ۾ رُڌل آهي. هيءَ فلم عيد تي رليز ٿي رهي آهي. پروموسن دوران سوال ته اوهان ايتريون مصروف آهيو ته سيف کي ڪيئن لڳندو هوندو جي جواب ۾ ڪرينا چيو ته مان ان معاملي ۾ تمام خوش قسمت آهيان ته سيف تمام گھڻو ترقي يافته شخص آهي، هو هڪ مختلف قسم جي شخصيت جو مالڪ آهي. هن چيو ته منهنجي سسُ شاديءَ کان اڳ به فلمن ۾ ڪم ڪري رهي هئي، شاديءَ کان پوءِ به ڪم ڪيائين ۽ ٻار ٿيڻ کان پوءِ به ڪم ڪندي رهي ۽ هاڻي ڏاڏي بڻجڻ کان پوءِ به ڪري رهي آهي، هوءَ عورتن جي عزت ڪندي آهي، مون سدائين چيو ته مان ڪم ڪيان ته هوءَ منهنجو به احترام ڪندي آهي ۽ جڏهن مان 50 سالن جي ٿي وينديس تڏهن به ڪندي. ان سان گڏوگڏ ڪرينا ڪپور خان چيو ته مان هڪ ذميوار ڇوڪري آهيان ڇو ته منهنجي والدين منهنجي سٺي تربيت ڪئي آهي ۽ مان ڄاڻان ٿي ته مان پنهنجي پرڻيل زندگيءَ کي به وقت ڏيان ۽ مون کي خبر آهي ته مون کي پنهنجي ڪيريئر کي به وقت ڏيڻو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *