تازيون خبرون
پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو - ڪراچي وارا ٽيڪس نه ڏين: (وسيم اختر)، ميئر جو بيان بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو: سنڌ حڪومت - ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو، لڏ پلاڻ جاري، ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل، فوج طلب - ننڍن اخباري ادارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون: سعيد غني انهن کي به اشتهار ڏيون - ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، نينگر سميت 3 شهري شهيد، پاڪ فوج فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو - آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پاڪستان - والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ - جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل: وڊيو تڏهن مفيد هوندي جڏهن نواز شريف جي آزادي جي درخواست ايندي: چيف جسٽس - فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين سان مقابلو، ڊي ايس پي خانپور شهيد - وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏيڻ جي هدايت

لوڊيشيڊنگ ختم ڪرڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪيون ويون، پ پ ڪارڪن هر طاقت سان ٽڪرائي سگھي ٿو: خورشيد شاهه/ اعتزاز احسن

لاهور (م.ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول هائوس ڀُٽي جو گھر آهي، ڀٽو جو گھر چاهيندڙن جو گھر آهي، جيالا جبل اورانگھي جنگ جي ميدان ۾ لهي ايندا آهن، لاهور ۾ پ پ جي يوم تاسيس واري جلسي ۾ ڪارڪنن کي خطاب سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بدقسمتيءَ سان مفادن خاطر عوام سان ڪوڙ ڳالهايو ويو، منافقت ڪئي وئي، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويدارن لوڊشيڊنگ ته ختم نه ڪئي پر غريبن جي کيسن تي ڌاڙو هنيو، ڪاڏي وئي سستي ماني، ڪاڏي وئي آشيانا اسڪيم، سستي ماني ۽ تندور جو اسٽيج سجايو ويو، چيو ويو ته غريبن کي سستي ماني ڏينداسين، سستي مانيءَ جي نالي تي منافقت ڪئي وئي، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪيا ويا،  ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته حڪمران خاندان هڪ ٻئي کي بچائڻ جي لاءِ اڳتي ايندا آهن، پاناما ليڪس ۾ قطر جو شاهي خاندان کين بچائڻ اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن هر طاقت سان ٽڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن مطالبن تي عمل نه ٿيو سڄو پاڪستان دمادم مست قلندر جي لاءِ تيار رهي، حڪومت بلاول جي چئن نقطن تي عمل ڪري.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *