تازيون خبرون

لنڊن فليٽس جي لاءِ سرمايو ڪٿان آيو، شريف خاندان جا ٻار اتي ڪئين رهي رهيا هئا؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ڪيس جي معاملي تي داخل ٿيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر حديبيه پيپرملز ريفرنس تي عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو رڪارڊ پيش ڪيو آهي اڱاري تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج آصف سعيد کوسي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ جڏهن ٻڌڻي شروع ڪئي ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب وقاص ڊار حديبيه پيپر ملز ريفرنس تي اپيل داخل نه ڪرڻ خلاف اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس جمع ڪرايا. جسٽس گلزار احدم پڇا ڪئي ته اهڙا ڪيترا ڪيس آهن جن ۾ اپيل داخل نه ڪئي ويئي جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جواب ڏنو ته اهڙا کوڙ سارا ڪيس آهن جن ۾ ججن جي فيصلي ۾ اختلافن سبب اپيل داخل نه ڪئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اهڙا تمام گهڻا ڪيس آهن جن ۾ جج متفقه فيصلو ڏنو پر نيب اپيل داخل ڪئي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جڏهن نيب جي واري ايندي ته ان پهلو کي غور هيٺ آڻينداسين وقاص ڊار ٻڌايو ته پراسيڪيوٽر نيب اپيل داخل نه ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن سان نيب جي چيئرمين اتفاق ڪيو ٻڌني دوران وزيراعظم جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم پنهنجا دليل ٻيهر شروع ڪيا ۽ چيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته فيڪٽري جو وڪري سان 12 درهم ملين مليا جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته بئنڪ جون رهتون ڪنهن ادا ڪيون جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته فيڪٽري جي منافعي سان رهتون تباهه ڪيون ويون هجن جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته ڇا 75 سيڪڙو وڪرو تي بئنڪ تي قرض جي ادائيگي ٿي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته 75 سيڪڙو حصي جي وڪرو سان ملندڙ 21 ملين درهم قرض جي مد ۾ ادا ڪيا جنهن تي جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته فيڪٽري جي باقي رهتن جو ڇا ٿيو وڪيل ٻڌايو ته ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو  ۽ طارق شفيع گلف فيڪٽري جا روزانه جا معاملا نه ڏسندو هو جسٽس کوسي سوال ڪيو ته وزيراعظم جي مقرري موجب اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳائڻ جو ذڪر آهي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته جڏهن پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳايون ويون ته گلف فيڪٽري جي ڪهڙي ضرورت هئي هن چيو ته وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي ۽ جدي جي ملڪ دبئي فيڪٽري جي مشينري سان تيار ڪئي ويئي. ۽ ان کان پوءِ ان ۾ نئين مشينري به لڳائي ويئي جسٽس آصف سعيد کوسي سوال ڪيو ته ڇا دبئي فئڪري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي هئي ڇو ته مشينري جي خريد ۽ وڪرو جو وزيراعظم ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته طارق شفيع جي بيان کان پوءِ ٻئي بيان ۾ بهتري آندي ويئي. سلمان اڪرم عدالت کي ٻڌايو ته 7 نومبر جي تحريري جواب ۾ دبئي فيڪٽري ۾ 12 ملين درهم جي سيڙپڪاري جو ذڪر آهي جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته ان ڪهاني جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري آهي. جيڪڏهن طارق شفيع کي قطري سيڙپڪاري جو علم هو ته بيان ۾ ذڪر ڪري ها. جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته معاملي ۾ قطري شاهي خاندان شامل هو ان لاءِ 7 نومبر جي جواب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ قطري خاندان جي رضامندي کان پوءِ قطر ۾ سيڙپڪاري جو موقف سامهون آندو ويو جسٽس اعجازالحسن چيو ته 5 نومبر تي قطري خط آيو طارق شفيع جو بيان 12 نومبر تي آيو سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽن جي لاءِ سرمايو ڪٿان آيو جڏهن ته حسين نواز جو موقف هو ته لنڊن فليٽ قطري سيڙپڪاري سان مليا جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ايئن لڳي ٿو ته هتي جرح نه پر ٽرائيل ٿي رهيو آهي طارق شفيع کي ڪٽهڙي ۾ گهرائي سوال پڇيا وڃن جنهن تي جسٽس کوسي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جو نالو وٺڻ بغير چيو ته مان هڪ ريمارڪس ۾ ڪتاب ۾ صفحو گم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي هڪ محترم اسيمبلي ميمبر تمام گهڻو ڌڙڪا ڏنا هئا ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ نظر نٿو اچي جسٽس اعجاز افضل چيو ته فيڪٽري جي وڪرو سان 12 ملين درهم مليا اهي غير متنازعه حقيقتون آهن ان جو چوڻ هو ته هر معاهدي ۾ بئنڪ جو ذڪر آهي پر 12 ملين درهم ڪيش ورتا ويا جنهن تي ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته  ڪيس رقم به ورتي ويندي آهي جسٽس اعجاز افضل چيو ته پانامه جو ڪيس پنهنجي نوعيت جو ڪيس آهي ۽ جيڪي دستاويز آندا ويا آهن انهن مان اهو ثابت نٿو ٿئي ان موقعي تي سلمان اڪرم چيو ته گذريل ڏينهن عدالت ۾ 12 ملين درهم اٺن تي کڻي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هئي 1980 ۾ دبئي ۾ هزار درهم جو نوٽ موجود هو ۽ اها ايڏي وڏي رقم نه آهي جو اٺن تي کنئي وڃي وڪيل ٻڌايو ته شريف فئملي جو جهاز ڪراچي بندرگاهه تي روڪيو ويو هو جنهن سان 50 ڪروڙ جو نقصان ٿيو شريف خاندان کان 1993 کان 1996 ۾ لنڊن جا فليٽ نه خريد ڪيا لنڊن فليٽن جي 1993 ۽ 1996 ۾ گڏيل پاڪستاني ماليت 7 ڪروڙ ٺهي ٿي جسٽس اعجازالحسن پڇا ڪئي ته 1993 کان 1996 ۾ آفشور ڪمپني جو مالڪ ڪير هو سلمان اڪرم جواب ڏنو ته شريف فئملي ان وقت آف شور ڪمپنين جي مالڪ نه هئي شريف فئملي فليٽ 2006 ۾ خريد ڪيا هن ٻڌايو ته 2006 کان پهريان ڪمپنين جي بيريئر سرٽيفيڪٽ قطر جي الساني خاندان وٽ هئا اساني خاندان 1993 کان 1996 ۾ آف شور ڪمپنين ذريعي فليٽ خريد ڪيا جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته شهزادو حماد بن جاسم کان پڇا ڪئي وڃي ته هن اهي فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا جسٽس گلزار احمد پڇا ڪئي ته اهي فليٽ شريف فئملي جي استعمال هيٺ ڪڏهن آيا وڪيل جواب ڏنو ته اهو ڪو راز نه آهي شريف فئملي جا ٻارڙا شروع کان ئي اتي رهي رهيا آهن جج صاحبان پڇا ڪئي ته شريف فئملي جا ٻارڙا اتي ڪيئن رهي رهيا هئا جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته خانداني لاڳاپن جي بدولت 1993 ۾ انهن فليٽن ۾ حسن ۽ حسين رهائش اختيار ڪئي ۽ ان کان پوءِ اهي فليٽ ڪاروباري معاهدي جي نتيجي ۾ قطر وارن ۽ شريف خاندان جي حوالي ڪيا جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته شريف فئملي 13 سالن تائين فليٽن ۾ رهي ۽ وڏا گهرا لاڳاپا هئا جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شريف خاندان فليٽن جو ڪرايو ادا ڪيو هو هن عدالت کي ٻڌايو ته الساني خاندان وٽ لنڊن ۾ تمام گهڻا فليٽ آهن عدالت مفروضن کي نه ڏسي وڪيل چيو ته لنڊن فليٽ التوفيق ڪمپني وٽ گروي نه رکيا ويا شيزي نقوي رحمان ملڪ رپورٽ جي بنياد تي فليٽن جي ملڪيت شريف خاندان جي ٻڌائي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته اسان رحمان ملڪ جي رپورٽ درست تسليم ڪيون ڇا حماد بن جاسم کان پڇيو وڃي ته هن اهي فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا وڪيل چيو ته اهو پڇڻ جي ضرورت نه آهي جنهن تي جسٽس آصف کوسي پڇا ڪئي ته ڇا شيزي نقوي پاڪستاني شهري آهي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته شيزي نقوي پاڪستاني آهي ۽ اڃا تائين التوفيق ڪمپني سان جڙيل آهي جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته ڇا شيزي نقوي جي بيان جي نقل ڪاپي موجود آهي جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نقل جي ڪاپي موجود آهي پر تصديق ٿيل نه هئڻ سبب فائل نه ڪئي وئي جسٽس شيخ عظمت سعيد هدايت ڪئي ته شيزي نقوي جي برطانوي جي عدالت ۾ ڏنل بيان جي نقل جمع ڪرايو وڪيل ٻڌايو ته برطانوي عدالت شيزي نقوي جي بيان حلفي تي فليٽ ضبتگي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو جسٽس شيخ عظمت سعيد پڇا ڪئي ته برطانوي عدالت جو حڪم عبوري هو ڇا ٻي پارٽي جي غير حاضري تي اهو حڪم ڏنو ويو جسٽس اعجازالحن سوال ڪيو ته ڇا رقم جي ادائيگي تي برطانيا جي عدالت چارج واپس ورتي. سلمان اڪرم دليل ڏنا ته التوفيق ڪيس مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته شريف فئملي 1999 کان پهريان فليٽن جي مالڪ هئي ان موقعي تي ججن سوال ڪيو ته توهان چئو ٿا ته 2006 ۾ خريد ڪيل توهان 13 سالن تائين فليٽن ۾ رهيا ته آڱر توهان ڏانهن اٿي ٿي جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته آڱر منهنجي موڪل طرف نٿي اٿي سگهي ڇو ته هو پنهنجي موقف تي قائم آهن جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته يقينن توهان کي قدمن تي ئي بيهڻو پوندو. گوڏن تي نه ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم جي تقرير ۾ ڀٽو جي دور ۾ ڇهه نيون فيڪٽريون لڳائڻ جو ذڪر آهي جسٽس گلزار پڇا ڪئي ته پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳايون ويون ته گلف فيڪٽري جي ڪهڙِ ضرورت هئي وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته مينري جي خريد ۽ وڪرو ۾ وزيراعظم جو ڪٿي به ذڪر نه آهي مان ڪتاب ۾ صفحو گم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي اسان کي ڌڙڪا ڏنا ويا ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ نظر نه اچي رهيا آهن غلطي ٿي سگهي ٿي ته اسان کي نظر نه آيا هجن شايد دبئي فيڪٽري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته دبئي فيڪٽري جي مشينري سان جده مل تيار ڪئي ويئي. ان کان سواءِ مل ۾ نئين مشينري به لڳائي ويئي. جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته هسين نواز موجب لنڊن فليٽ قطري سيڙپڪاري سان مليا سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽن جي لاءِ سيڙپڪاري ڪٿان آئي. ان ڪهاڻي جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري آهي. وزيراعظم جي مقرري ۽ طارق شفيع جي بيان ۾ قطر ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي.  سلمان اڪرم جواب ۾ چيو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو طارق شفيع کي بيان کان اڳ سموري تفصيل جي خبر هئي. ايئن نه ته انهن سوالن جا جواب نه آهن جيڪي سوال مون کان پڇيا پيا وڃن اهي طارق شفيع کي بطور گواهه گهرائي پڇيو وڃي 12 ملين درهم جي رقم الساني فئملي کي 6 قسطن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڏني ويئي ان کان پوءِ ٻڌڻي اڄ اربع تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *